50 سالا شخص پسٽل جا فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

اوٻاوڙو (ايم بچل گهنڃو) ڳوٺ جان محمد چاچڙ جو رهواسي 50 ورهين جي جمعو چاچڙ پنهنجي گهريلو زندگيءَ کان تنگ اچي پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو. اهڙي اطلاع تي ڪمون شھيد پوليس پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو کڻائي آئي جتي لاش پوست مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو