عدالت 5 ڪيسن ۾ خان ۽ بشريٰ جي گرفتاري روڪي ڇڏيو

عدالت 5 ڪيسن ۾ خان ۽ بشريٰ جي گرفتاري روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد پوليس کي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي 5 ڪيسن ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، جن ۾ 9 مئي به شامل آهي، پي ٽي آءِ جي باني خلاف 9 مئي، قتل ڪيس، جعلي رسيدون ۽ ٻيا ڪيس داخل ڪيا ويا، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف جعلي رسيدون جمع ڪرائڻ جي الزام ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي باني ۽ ٻين خلاف 9 مئي سميت پنج ڪيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، اسلام آباد جي جج افضل مجوڪا ٻڌڻي ڪئي، عدالت پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي گرفتاري کان اڳ ضمانت ۾ واڌ ڪئي ۽ لاڳاپيل ڪيسن ۾ انهن جي گرفتاري تي 25 نومبر تائين پابندي لڳائي ڇڏي، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، اسلام آباد، عمران خان کي ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ يا وڊيو لنڪ ذريعي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي ۽ ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي 25 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو