4 سالن جي محنت کان پوءِ مڪمل گول سمارٽ فون تيار

4 سالن جي محنت کان پوءِ مڪمل گول سمارٽ فون تيار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سمارٽ فون جي دلچسپ ۽ عجيب ڊيزائن سامهون اينديون رهيون آهن پر لاس ويگاس جي سي اي ايس 2020 نمائش ۾ مڪمل طور گول سمارٽ فون پيش ڪيو ويو آهي. ڪمپني مطابق 2015 کان ان فون جي ڊيزائن تي ڪم جاري هيو. فون ڏسڻ ۾ فيس پائوڊر جي گول ڊبي جهڙِ آهي ان کي سرڪل نه پر سائرڪل فون جو نالو ڏنو ويو آهي. پنهنجي قد ڪاٺ ۾ ننڍي آساني سان کيسي ۾ پئجي سگهي ٿي. 4 سال اڳ ان جي تياري هڪ اسٽارٽ اپ ڪمپني ڪئي هئي ۽ ان لاءِ ڪڪ اسٽارٽر تي ڪرائوڊ فنڊنگ جو آغاز ڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ ان ۾ ٽچ اسڪرين ۽ ڪيمرا جي سهولت موجود آهي پر اهو صرف ٽوجي وائرليس سپورٽ فراهم ڪري ٿو جنهن سبب ماڻهو ان کي خريد ڪري رهيا آهن. ڊيزائن ۾ دير جي سبب گول فون ۾ سرڪٽ جي تياري هئي جيڪو سڀ کان وڏو چئلنج ثابت ٿيو. سرڪل فون ٺاهيندڙ ڪمپني جي سربراهه ڪرسٽينا سائر جو چوڻ هو ته اسڪرين جي تياري هڪ مشڪل مرحلو هيو جيڪو خوشي اصلوبي سان طئي ڪيو آهي. سائرڪل فون تي تڪڙو ايپس ڪم ڪنديون آهن ۽ ان سان سيلفي به وٺي سگهجي ٿي. هاڻي پوري آمريڪا ۾ ان فون جي نمائش ۽ تعارفي تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو