4 سال لڳي ويا ته مان ڊپريشن جو شڪار آهيان: آرا خان

ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي ڌيءَ ايرا خان جو چوڻ آهي ته مون کي اهو قبول ڪرڻ ۾ 4 سال لڳي ويا ته مان ڊپريشن ۾ مبتلا آهيان. ڀارتي ميڊيا سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ ايرا خان جو چوڻ هو ته اڳ مون ان مسئلي کي اڪيلي سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر محسوس ڪيو ته والدين جي ضرورت پوندي.آرا خاندان جي مدد جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اهڙي صورتحال ۾ مدد گهرڻ گهرجي.هن چيو ته ”مان ڪاليج ۾ هوس ۽ مون محسوس ڪيو ته مون کي تمام سٺو محسوس نه ٿي رهيو هو ۽ اهو آهستي آهستي خراب ٿي رهيو هو ،هن چيو ته هڪ وقت هو جو مان کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ محسوس ٿيو ته معاملو سنجيده ٿي ويو آهي.آرا چيو ته ”مان گذريل 5 سالن کان علاج ۾ آهيان، 3 سالن کان دوائن تي ۽ گذريل سال مون کليل دل سان قبول ڪيو ته مون کي ڊپريشن آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو