ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي 31 شاگردن تي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل

ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي 31 شاگردن تي دهشتگرديءَ جو ڪيس داخل

ٽنڊوڄام (رپورٽر)زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي 31 شاگردن خلاف دهشتگرديءَ جي دفعن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.پوليس اٿارٽيز موجب 16 آگسٽ تي يونيورسٽيءَ جي 31 شاگردن ملڪ مخالف نعرا هڻي خوف و هراس پکيڙيو هو.سب انسپيڪٽر جي مدعيت ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ 6 نامزد ۽ 25 اڻڄاتل شاگرد شامل آهن، جڏهن ته هن وقت تائين ڪا به گرفتاري ناهي ٿي سگهي.کيس جي متن موجب شاگرد يونيورسٽيءَ ۾ ڊنڊن، پٿرن ۽ لوھ جي راڊن سان گڏ گڏ ٿيا هئا ۽ ملڪ مخالف نعريبازي ڪندي دٻدٻو ۽ خوف پکيڙيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو