ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 30 سالن بعد پهريون ڀيرو سنڌي فلم ’سنڌوءَ جي گونج‘ جنهن کي انگريزي ۾ انڊس ايڪوز جو نالو ڏنو ويو آهي، رليز لاءِ تيار آهي. 21 جنوري تي بارتي شهر جئپور ۾ انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ ان جو پريمئر ٿيو هو. پاڪستان، بنگلاديش ۽ ڏکڻ ڪوريا جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهيل هي ڪمرشل فلم نه پر آرٽ مووي آهي جنهن ۾ سنڌو درياءَ سان ان جي ڪنارن تي آباد ماڻهن جي رشتي تي فوڪس ڪيو ويو آهي. سنڌو ڪناري آباد ميربحر هجن يا ٻيا ماڻهو اهي پنهنجي زندگي کي جمود جو شڪار هجڻ جي شڪايت ڪندي نظر اچن ٿا.

Screengrab
هن فلم جو ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر صحافي مان فلم ميڪر بڻيل راهول اعجاز ۽ تنوير حسين آهن. هن فلم ڏسڻ بعد هر ماڻهو جو پنهنجو پنهنجو نقطه نظر جڙي ٿو. ڪو ٿو چوي ته ٽن مختلف پر هڪٻئي سان ڳنڍيل ڪهاڻين تي مشتمل آهي ته وري ڪو پنج ڪهاڻين جي ڳالهه ٿو ڪري. هن فلم جا ڪجهه سين اهڙا به آهن جن بابت پڻ هر ماڻهو جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي پر ان ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هي سنڌي ثقافت جي عڪاسي ڪندڙ فلم آهي. فلم جا مختلف ڪردار يا ڪيريڪٽر ٽن اداڪارن، وجدان شاهه، انصار مهر ۽ ثمينا سحر تي فلمايا ويا آهن. هن فلم جا ايگزيڪٽو پروڊيوسر شمعون عباسي، اختيار ڪلوڙ، زيد عزيز ۽ محمد ڪامران جاويد آهن. ياد رهي ته پاڪستان ۾ پهرين سنڌي فلم عمر مارئي 1956 ۾ رليز ٿي هئي ۽ آخري فلم همت 1997 ۾ جاري ٿي هئي. ان بعد ٽي وي چينلز تي مختصر ٽيلي فلم ته هليون پر ڪا به فيچر فلم نه ٺهي سگهي. راهول اعجاز 2020 ۾ هڪ سارت سنڌي فلم ’ريگستان پار ڪندڙ هڪ ريل‘ ٺاهي هئي جيڪا ڀارت ۽ آمريڪا سميت دنيا جي 4 ملڪن ۾ ڏٺي وئي هئي.










