** 1845ع ۾ جيتوڻيڪ چارلس نيپيئر سنڌ ۾ مارشل لا لڳائي ڇڏي پر ان باوجود ماڻهن جو انگريز مخالف سرگرمين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪيون ويون، ان حوالي سان اڄوڪي تاريخ تي ڪليڪٽر ۽ مئجسٽريٽ ڪيپٽن پريڊي وٽ ڪوٽڙي جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪيپٽن پارٽج اها رپورٽ جمع ڪرائي ته ماڻهن جو انگريز حڪومت خلاف سرگرمين تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ويرو نالي بند تعمير ڪرايو ويو آهي ته جيئن هن علائقي جا ماڻهو زراعت وغيره جو ڪم ڪري سگهن.
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر بمبئي سرڪار کي اها درخواست موڪلي ته سکر کان ڍاڍر تائين ريلوي لائين وڇائي وڃي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اصغر خان باضابطا طور اهو اعلان ڪيو ته اهي پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا.
** 1975 ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي، جيڪب آباد ۽ سکر ضلعن ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ فوج کان مدد گهري ورتي.
**1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پ پ چيئرپرسن بينظير ڀٽو احتساب عدالت تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته نواز حڪومت اهي عدالتون پ پ کي سياسي پراسيس مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ قائم ڪرايون آهن، پ پ احتساب جي نالي تي ٺاهيل انهن عدالتن جي مخالفت ڪندي.
** 2000ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لنڊن ۾ فوت ٿيل ناليواري پاپ گلوڪاره نازيه حسن جي موت جي حوالي سان معاملا واضح نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري پوليس لاش کي دفنائڻ بدران ٻيهر تحويل ۾ ورتو، نازيه حسن فيملي جي فردن جو چوڻ هو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ نه آئي ان ڪري اڃا خدشا آهن، جڏهن ته سندس مڙس اشتياق بيگ طرفان به مختلف بيان ايندا رهيا، جنهن ڪري تدفين نه ٿي سگهي. نازيه جي وارثن اشتياق بيگ تي اهو به الزام لڳايو ته هن نازيه کي ماريو آهي.
** 2006ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم شوڪت عزيز خلاف قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيل بي اعتمادي جي رٿ ناڪام ٿي وئي، رٿ جي حق ۾ گڏيل اپوزيشن جا رڳو 136 ووٽ پيا، جڏهن ته رٿ جي ڪاميابي لاءِ 172 ميمبرن جا ووٽ گهربل هئا، وزيراعظم جو چوڻ هو ته الزام لڳائيندڙ ناڪام ٿيندا.
اڄوڪي ڏينهن 29 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:29 آگسٽ 1829ع ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**29 آگسٽ 1906ع ليکڪ گُل سدارنگاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**29 آگسٽ 1942ع تعليمدان ۽ اديب پروفيسر احسان دانش ڀٽو (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.**29 آگسٽ 1970ع ليکڪ اويس قرني جو جنم ڏينهن آهي.****وڇوڙو:29 آگسٽ 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل اللھ مهر جو لاڏاڻو ٿيو.**29 آگسٽ 1952ع سياستدان قيصر خان بوزدار جو انتقال ٿيو.**29 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب جي وفات ٿي.**29 آگسٽ 1963ع قانوندان شمس الدين ابڙو (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.**29 آگسٽ 1989ع شاعر محمد ڇٽل فراز جي وفات ٿي.**29 آگسٽ 2002ع سياستدان الهه بخش ڀٽو جو انتقال ٿيو.**29 آگسٽ 2007ع نعت خوان الحاج خورشيد احمد جو انتقال ٿيو.










