27 هين ترميم تي نه ڪو بحث، نه ڪا پابندي آهي: عاجز ڌامراه

27 هين ترميم تي نه ڪو بحث، نه ڪا پابندي آهي: عاجز ڌامراه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ عاجز ڌامراهه چيو آهي ته 27هين ترميم تي هن وقت نه ڪو بحث نه ئي پابندي آهي، وڪيلن 26هين ترميم جي حمايت ڪئي آهي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ هن آئيني ترميم جي مخالفت ۾ ووٽ نه آيو آهي، سنڌو درياهه ۾ ڪئنال ٺاهڻ جي پيپلزپارٽي سخت مذمت ڪئي آهي. هي 6 ڪئنال جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن هڪ به ڪئنال ٺاهيو ويو ته پيپلزپارٽي ڌما ڌم مست قلندر ڪندي، اربعا تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عاجز ڌامراهه چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ وڏو شور هيو ته 26هين آئيني ترميم منظور ٿي آهي ۽ اها به خبر هلي هئي ته پارليامينٽ ڇا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي، هن چيو ته پارليامينٽ ۾ سمورين جماعتن جي وچ ۾ هم آهنگي جي ضرورت هوندي آهي، جڏهن ته آئين جي ڳالهه ٿيندي آهي ته پپيلزپارٽي سڀني کان اڳيان بيهندي آهي. پيپيلزپارٽي جي اڳواڻ چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي شڪل ۾ ملڪ کي لباس پهرايو هيو، 2006ع ۾ بينظير ڀٽو وڏي سياسي مخالف پارٽي سان ميثاق جمهوريت ڪئي، هن چيو ته 18هين ترميم تي 10 مهينن تائين ڪم ٿيندو رهيو. بلاول ڀٽو هڪ دفعو ٻيهر سمورين پارٽين کي هڪ پليٽ فارم تي ويهاريو، هن مولانا فضل الرحمان کي اعتماد ۾ ورتو، هن چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي پهريان ئي ڪمي آهي ته ڪئنال ڪيئن ٺهي سگهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو