26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان، غلامي کان موت بهتر آهي:عمران خان

26 نومبر تي راولپنڊي پهچڻ جو اعلان، غلامي کان موت بهتر آهي:عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان 26 نومبر تي پنڊي پهچڻ جو اعلان ڪندي اپيل ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني ان ڏينهن پنڊي پهچن.لانگ مارچ سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته غلامي کان موت بهتر آهي، اڳوڻو وزيراعظم هوندي ڪيس داخل نه ڪرائي سگهيس، اسان کي خبر آهي ته مارڻ وارا ٻه هئا ۽ سامهون کان گوليون آيون، انهن جوابدار کي طوطي وانگر پڙهايو ته مان اڪيلو هيس ته جيئن شڪ نه ٿئي، هاڻ توهان سان پنڊي ۾ ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ جا سمورا ڪارڪن ۽ پاڪستاني 26 نومبر تي پنڊي پهچن.هن چيو ته اسان جي دور ۾ 3 لانگ مارچ ٿيا، نه اسان رنڊڪ روڪ ڪئي، نه ڪيس داخل ڪيا، اسان پنهنجي دور ۾ آئين ۽ قانون موجب هلياسين، مون کي خبر هئي ته مارڻ لاءِ پلان ٺاهيو ويو آهي ان باوجود نڪتس، مسئلن جو حل شفاف چونڊن کانسواءِ ڪجهه ناهي.سندس چوڻ هو ته مون کي بلاول جو سياسي مستقبل نظر نه پيو اچي، بلاول ڳوليندو وتندو ته بابي چوري جا پئسا ڪٿي ڪٿي رکيا آهن، افسوس جو ڀارت جي آزاد پرڏيهي پاليسي جو مثال ڏيڻو ٿو پئي، روس کان تيل خريد ڪرڻ تي آمريڪا اڳ ۾ ڀارت سان ڪاوڙيو پوءِ راضي ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو