26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيس دير جو شڪار

26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيس دير جو شڪار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) 26هين آئيني ترميم کانپوءِ ڪيسن جي ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي.وڪيلن نئين آئيني درخواستن تي ٻڌڻي لاءِ عدالت کان اجازت گهري هئي پر سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ نئين آئيني درخواستن جي ٻڌڻي جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.وڪيلن پاران داخل ڪيل نئين درخواستن ۾ سول ۽ فوجداري ڪيس شامل آهن.سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اڄ آئيني بينچ ٺاهي رهيا آهيون، پوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته ڪيس ڪيڏانهن وڃي. روسٽر برانچ فيصلو ڪندي ته ڪهڙو ڪيس ڪهڙي بينچ ڏانهن ويندو.ياد رهي ته 26هين آئيني ترميم پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جي منظوري ۽ صدر جي دستخط کانپوءِ پاڪستان جي آئين جو حصو بڻجي وئي آهي، جنهن تحت آئيني ڪيسن لاءِ الڳ آئيني عدالت هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو