24 ڪلاڪ چوماسي  جي تيارين کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

24 ڪلاڪ چوماسي جي تيارين کي يقيني بڻائڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چوماسي ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته آگسٽ ۽ سيپٽمبر جي وچ تائين مڪمل آپريشنل تياري برقرار رکي وڃي. چيف سيڪريٽري واضح ڪيو ته چوماسي جي تياري صرف صوبائي يا ضلعي سطح تائين محدود نه هئڻ گهرجي، پر ٽائون ۽ يونين ڪائونسل سطح تي به سڀئي ضروري انتظام عملي طور تي موجود ۽ فعال هجڻ گهرجن. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري بلديات، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ، سيڪريٽري آبپاشي، سيڪريٽري بحالي، سيڪريٽري صحت، سيڪريٽري اطلاعات، ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي سنڌ، ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو 1122 ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ شرڪت ڪئي. جڏهن ته سڀئي ڊويزنل ڪمشنر، ڊائريڪٽر جنرل صحت، سمورا ڊپٽي ڪمشنر، ضلعي صحت آفيسر، صوبي جا سڀئي ميئر ۽ حيسڪو ۽ سيپڪو جا نمائندا وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا. پي ڊي ايم اي سنڌ اجلاس کي آگاهه ڪيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران برسات سان لاڳاپيل مختلف واقعن ۾ پنج ڄڻا فوت ٿيا آهن. ٿرپارڪر ۾ ٽي ٻار ۽ هڪ شخص پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿيا، جڏهن ته بدين ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ شخص حياتي وڃائي ويٺو. 3 جولاءِ کان جاري برساتن دوران مختلف حادثن ۾ هيل تائين پنجن ٻارن سميت مجموعي طور 10 ڄڻا فوت ۽ اٺ ڄڻا زخمي ٿيا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڀ کان وڌيڪ برسات ميرپورخاص ضلعي جي تعلقي ڪوٽ غلام محمد ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي 112 ملي ميٽر برسات ٿي. چيف سيڪريٽري سنڌ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي لاڳاپيل ضلعي انتظاميا ۽ ادارن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن کي هر ممڪن سهائتا فراهم ڪئي وڃي ۽ برسات سان لاڳاپيل ڪنهن به هنگامي صورتحال تي فوري ردعمل کي يقيني بڻايو وڃي. پي ڊي ايم اي اختيارين ٻڌايو ته صوبي ۾ 300 ٽرڪ مائونٽڊ ڊي واٽرنگ پمپ موجود آهن، جڏهن ته امدادي سامان جو به ڪافي ذخيرو موجود آهي. اجلاس کي گڊو ۽ سکر بئراجن مان لڳ ڀڳ 4 لک 36 هزار ڪيوسڪ پاڻي جي وهڪري بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. چيف سيڪريٽري سنڌ آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته سموري فيلڊ مشينري مڪمل طور فعال رکي وڃي ۽ حفاظتي بندن، واهن ۽ ٻين حساس هنڌن جي لاڳيتو نگراني ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪمزور هنڌن جي بروقت نشاندهي ڪري اڳواٽ قدم کنيا وڃن ته جيئن ڪنهن به ممڪن گهاري يا نقصان کان بچي سگهجي. آصف حيدر شاهه سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڪئي ته صوبي جي هر ٽائون سطح تائين تياري يقيني بڻائي وڃي. سڀني ٽائون ميونسپل آفيسرن کي پابند ڪيو وڃي ته هو پنهنجن لاڳاپيل اسٽيشنن تي موجود رهن ۽ برساتي هنگامي صورتحال بابت انتظامن جي پاڻ نگراني ڪن. چيف سيڪريٽري چيو ته سڀئي ٽي ايم اوز ۽ فيلڊ آفيسر هنگامي صورتحال دوران پنهنجن علائقن ۾ موجود رهن. ڊيوٽيءَ ۾ غيرحاضري، غفلت يا لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. چيف سيڪريٽري سنڌ حيسڪو ۽ سيپڪو کي هدايت ڪئي ته برسات دوران پنهنجي ردعمل واري نظام کي وڌيڪ مؤثر بڻائين، خاص طور تي پاڻي جي نيڪال جي ڊسپوزل ۽ پمپنگ اسٽيشنن کي بنا رڪاوٽ بجلي فراهم ڪئي وڃي. حيسڪو ۽ سيپڪو جا عملدار ضلعي انتظاميا، ميئرن ۽ بلدياتي ادارن سان مسلسل رابطي ۾ رهن ۽ پمپنگ ۽ ڊسپوزل اسٽيشنن جي بجلي جي بحالي کي اوليت ڏين. حيدرآباد جي ميئر اجلاس کي ٻڌايو ته شهر ۾ نالن ۽ پاڻي جي نيڪال جي رستن جي صفائي مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ ڊي واٽرنگ مشينري به موجود آهي. حيدرآباد ۾ 128 پمپنگ اسٽيشنون ۽ لڳ ڀڳ 50 جنريٽر موجود آهن، جڏهن ته هنگامي صورتحال ۾ وڌيڪ جنريٽر ڪرائي تي حاصل ڪرڻ جا به انتظام موجود آهن. سکر جي ميئر ٻڌايو ته صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي ۽ لاڳاپيل ادارا مڪمل طور تي تيار آهن. شهيد بينظيرآباد جي ميئر به شهر ۾ ڪيل انتظامن بابت آگاهه ڪيو ۽ وڌيڪ جنريٽرن جي ضرورت جي نشاندهي ڪئي. ميرپورخاص جي ميئر ٻڌايو ته ڊي واٽرنگ پمپن جي مدد سان مک رستن ۽ بازارن مان برساتي پاڻي ڪڍيو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي ميئر اجلاس کي ٻڌايو ته يونين ڪائونسل سطح تي تياريون مڪمل آهن ۽ سڀني ٽيمن کي سندن ذميواريون سونپيون ويون آهن. صحت کاتي اجلاس کي ٻڌايو ته چوماسي ڪنٽيجنسي پلان تحت بيمارين جي روڪٿام ۽ علاج ٻنهي پاسن تي ڪم جاري آهي. پي پي ايڇ آءِ پڻ پنهنجو ڪنٽيجنسي پلان تيار ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سرڪاري ڊسپينسرين ۽ ٻين طبي مرڪزن کي برسات يا ٻوڏ دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ الرٽ ۽ اسٽينڊ بائي رکيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هر ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ نانگ جي ڏنگ جي علاج لاءِ اينٽي اسنيڪ وينم موجود آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته ضروري دوائن، اينٽي اسنيڪ وينم ۽ طبي عملي جي دستيابي تي لاڳيتو نظر رکي وڃي، خاص طور تي ٻهراڙي ۽ حساس علائقن ۾ ڪنهن به قسم جي کوٽ نه هئڻ گهرجي. لائيو اسٽاڪ کاتي چوماسي بابت ايس او پيز تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته برساتن کي نظر ۾ رکندي سڄي صوبي ۾ جانورن جي ويڪسينيشن مهم جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو