2024ع ۾ سائبر حملن جو طوفان، الرٽ جاري

آسٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ ٽيڪنالاجي ماهر خبردار ڪيو آهي ته هٿرادو ذهانت جي ٽيڪنالاجي ۾ جدت جو سال 2024ع ۾ سائبر ڏوهن جو طوفان اچڻ وارو آهي. سافٽ ويئر ڪمپني ڪرائوڊ اسٽرائيڪ جي چيف سيڪيورٽي آفيسر شان هينري تازو ئي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ٻڌايو آهي ته سائبر ڏوهاري هٿرادو ذهانت کي ماڻهن جي سائبر سيڪيورٽي دفاع تي حملا ڪرڻ سان گڏ، گمراهه ڪندڙ ڄاڻ پکيڙڻ يا ڪارپوريٽ نيٽورڪ ۾ پهچ لاءِ استعمال ڪري سگھو ٿا. آمريڪي تحقيقي اداري فيڊرل بيورو آف انويسٽيگيشن (يف بي آءِ) جي رٽائرڊ عهديدار جو چوڻ هو ته سائبر ڏوهاري هٿرادو جو استعمال ڪندي چونڊن دوران اي آءِ جي استعمال سان غلط بيانيا پکيڙڻ لاءِ ماڻهن کي گمراهه ڪري سگھن ٿا ۽ امڪاني طور تي حساس ڄاڻ فراهم ڪري سگھن ٿا. سائبر سيڪيورٽي ويٽرن پاران اها تنبيهه ان وقت سامهون آئي آهي جڏهن هٿرادو ذهانت کي ماضي کان وڌيڪ ڪم ۾ آندو ويو آهي ۽ ان ۾ آمريڪا جون وفاقي ۽ رياستي حڪومتون به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو