ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان هاڪي فيڊريشن ڪلينڊر ايونٽس جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ 2020 ۾ ڪنهن غير ملڪي ٽيم جو دورو پاڪستان ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.پروگرام مطابق 7 بين الاقوامي ۽ 20 ملڪي ايونٽس شيڊول ڪيا ويا آهن هن سال پاڪستان جون ٽيمون 7 مختلف بين الاقوامي ايونٽس ۾ حصو وٺنديون قومي ويمن جونيئر هاڪي ٽيم 6 کان 12 اپريل تائين جاپان ۾ جونيئر ويمن ايشيا ڪپ ۾شرڪت ڪندي. قومي جونيئر هاڪي ٽيم اپريل مئي ۾ ٽريننگ ٽوئر ڪندي. 1 کان 18 اپريل تائين قومي هاڪي ٽيم سلطان اذلان شاهه ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ملائيشيا ويندي جون، جولاءِ ۾ قومي سينئر ٽيم ٽريننگ ٽوئر تي رواني ٿيندي. قومي جونيئر ٽيم 4 کان 12 جون تائين ڍاڪا ۾ جونيئر ايشياڪپ ۾ حصو وٺندي. قومي هاڪي ٽيم سال جو اختتام 17 کان 27 نومبر تائين مينز ايشين چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت سان ڪندي. ٽريننگ ٽوئر جي جڳهه ۽ ميچن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. سيپٽمبر ۾ قومي سينئر هاڪي چيمپئن شپ ٿيندي. آڪٽومبر ۾ پاڪستان هاڪي سپرليگ ڪرائڻ جو هڪ ڀيرو ٻيهر اعلان ڪيو ويو آهي.










