2019 ۾ شوبز سان تعلق رکندڙ معروف شخصيتن جون شاديون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سال 2019 پورو ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ هي سال ڪجهه فلمي اسٽارن لاءِ زندگيءَ جي آغاز لاءِ فائديمند ثابت ٿيو آهي جنهن شادي ڪري پنهنجي نئين سفر جو آغاز ڪيو آهي. شادي ڪنهن به ماڻهوءَ جي زندگي جو اهم ترين ڏينهن هوندو آهي جيڪا ان جي زندگيءَ ۾ واضح تبديلي جو سبب بڻجندي آهي. اهڙن ئي ڪجهه شوبز اسٽارن جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهيون ٿا جن هلندڙ سال شادي ڪري پنهنجي زندگيءَ کي نئين رنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ نامور شخصيتن جنهن هن سال شاديون ڪيون انهن ۾ حمزه علي عباسي ۽ ايمان علي جهڙا فنڪار به شامل آهن. ان کان علاوهه ماڊل ۽ ادڪاره صوفيا خان تُرڪي ڄائي تولگا ريڪن، نامور اداڪاره آمنه بابر جي شادي زاهد نون، ايمان علي جي شادي بابر ڀٽي، اداڪاره مهوش حيات جي ڀاءَ اداڪار دانش حيات جي شادي ماڊل فائزه اشفاق، سپر اسٽار انجمن جي شادي لڪي علي، اداڪار حمزه علي عباسي جي شادي نيمل خاور خان، اداڪاره ناهيد شبير جي شادي عامر مرزا سان، پاڪستان جي نامور فيشن ڊيزائنر علي ذيشان جي شادي مائره خان، اداڪاره ميرا سيٺي جي شادي بلال صديقي، پاڪستان جي هڪ ٻئي نامور اداڪاره صنم چوڌري جي شادي سوهي چوهان سان ٿي گذري. ان کان علاوهه هالي ووڊ جوڙن به شاديون ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو. هالي ووڊ اسٽارن ۾ اداڪاره صوفي ٽرنر جي شادي آمريڪي گلوڪار جوئي جونس، ڪرس پراٽ جي شادي آرنلڊ شوازنيگر، ڊيوائن جونسن جي شادي لورين باشين، جينيفر لارنس جي شادي ڪڪ موروني، گلوڪاره نڪي مناج جي شادي نيٿ پيري سان ٿي گذري. جڏهن ته بالي ووڊ فلمي جوڙا به شادين ڪرڻ ۾ هڪ قدم اڳتي رهيا. بالي ووڊ اسٽارن ۾ اداڪار پرتيڪ جي شادي ثانيه ساگر، آرتي ڇابڙيا جي شادي وشارد بديسي، اداڪاره پوجا پترا جي شادي نواب شاهه، بولڊ ادڪاره راکي سانوت جي شادي ريتيش سان ٿي گذري.

پهنجو تبصرو موڪليو