2  هزار ڊالر تائين جي خريدوفروخت صارف جي اڪائونٽ مان ڪرڻ جو حڪم

2 هزار ڊالر تائين جي خريدوفروخت صارف جي اڪائونٽ مان ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(بزنس رپورٽ)اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته 2 هزار ڊالر يا ان جي برابر پرڏيهي ڪرنسي جي خريد و فروخت هاڻي صارف جي ذاتي اڪائونٽ مان ڪئي ويندي.اسٽيٽ بئنڪ نوان ضابطا ٺاهيندي چيو آهي ته ايڪسچينج ڪمپنين کان 2 هزار ڊالرن جي خريد و فروخت هاڻي صارف جي ذاتي اڪائونٽ مان ٿيندي.نون ضابطن موجب ٽرانزيڪشن جي وصولي تي صارف جو شناختي ڪارڊ نمبر دستاويز ۾ درج ڪيو ويندو، جڏهن ته، ايڪسچينج ڪمپنين کان پرڏيهي مٽاسٽا جي خريد و فروخت جي ٻين شرطن ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي.مرڪزي بئنڪ جو چوڻ آهي ته هدايتن تي عمل نه ڪندڙن خلاف ريگيوليٽري ايڪشن ورتو ويندو ۽ ريگيوليٽري سسٽم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ايڪسچينج ڪمپنين جي ضابطن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، نوان ضابطا فوري طور تي لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو