190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ درخواست داخل

190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪارروائي روڪڻ لاءِ درخواست داخل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين عمران خان 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪارروائي روڪڻ جي گڏيل درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.عمران خان طرفان 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي ڪارروائي روڪڻ جي لاءِ گڏيل درخواست بيرسٽر سلمان صفدر ۽ خالد يوسف چوڌري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي آهي.درخواست ۾ پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين نيب جي 343هين ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جي رڪارڊ جي فراهمي جي استدعا ڪندي چيو ته اپريل 2020 جي نيب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيس بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.عمران خان ٽرائيل ڪورٽ جي 12 آگسٽ جو آرڊر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ۽ چيو ته جاچ آفيسر بيان ڏنو ته نيب جي 343هين بورڊ اجلاس ۾ ڪيس بند ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، ٽرائيل ڪورٽ ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جو رڪارڊ طلب ڪرڻ جي درخواست رد ڪئي هئي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته نيب جي ايگزيڪيوٽو بورڊ اجلاس جو رڪارڊ پيش نه ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ باني جي دفاع ۾ ڳرو نقصان ٿيندو. جاچ آفيسر جرح جي دوران نيب جي 343هين بورڊ اجلاس بابت ڪجهه ڳالهين جو اعتراف ڪيو، ضروري آهي ته نيب جي 343هين بورڊ اجلاس جو رڪارڊ ٽرائل ڪورٽ جي سامهون رکيو وڃي. عمران خان جي درخواست ۾ نيب چيئرمين، ڊي جي نيب ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي ڌر بنايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو