راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)190 ملين پائونڊ ريفرنس تي فيصلو هڪ ڀيرو ٻيهر ملتوي ڪيو ويو.ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو سڀاڻي نه ٻڌايو ويندو، فيصلي جي نئين تاريخ بابت وڪيلن کي آگاهه ڪيو ويندو.عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيو هو ۽ ريفرنس جي فيصلي جي تاريخ ٽيون ڀيرو تبديل ڪئي وئي آهي.ان کان اڳ عدالت ڪيس جي فيصلي جي تاريخ 23 ڊسمبر مقرر ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ عدالت فيصلي جي تاريخ 6 جنوري تائين ملتوي ڪندي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا سڀاڻي فيصلو ٻڌايو هو.پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ ريفرنس جي جيل ٽرائل هڪ سال ۾ مڪمل ٿي وئي آهي.










