طفيل مگسي
برٽش انڊيا ۾ 1857ع ۾ پيش اچڻ وارن رتوچاڻ وارن واقعن کي ڪارل مارڪس به ٽمريبيون اخبار ۾ نيشنل ريوولٽ يا قومي بغاوت لکيو هو ۽ هندستان تي برطانوي بيٺڪيتي حڪومتي دور ۾ ”بهاني “جي موضوع تي لکڻ منع هو۔
تاريخ ۾ واقعن کي فاتح ۽ فتح ٿي ويل پنهنجن پنهنجن نظرين جي روشني ۾ بيان ڪن ٿا۔ان صورت ۾ مورخ جي لاء مشڪل ٿيندو آهي ته هو دستاويزن جي روشني ۾ فيصلو ڪري۔اهو به ٿيندو آهي ته وقت سان گڏ فتح ٿيلن جو نقطه نظر غالب اچي ويندو آهي۔
1857ع واري هندستاني مزاحمت جو’جيڪا برطانوي حڪومت جي خلاف ٿي هئي’اهو مقصد هو ته هندستان کي بيٺڪيتي نظام کان آزاد ڪرايو وڃي۔
1857 ع جي هندستاني مزاحمت جو۔جيڪا برطانوي حڪومت جي خلاف ٿي هئي۔مقصد اهو هو ته هندستان کي بيٺڪيتي نظام کان آزاد ڪرايو وڃي۔برطانوي نقط نظر کان اهو ”بهانو“ ياMutiny هئي۔جيڪا حڪمرانن جي خلاف انهن جي ”قانوني حڪومت“جي خلاف هئي۔حالانڪ ”قانوني حڪومت“ ته مغل بادشاھى جي هئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيء فوجي طاقت جي وسيلي اقتدار تي قبضوڪري رکيو هو۔ان رتوچاڻ تي پهريون ردعمل انگلستان جي وزيراعظم بينجمن ڊزرائيلي جو هو۔جنهن ان کي نيشنل ريوولٽ يا قومي بغاوت جو نالو ڏنو هو۔
ڪارل مارڪس به ٽريبيون اخبار ۾ ان کي ”قومي بغاوت“ئي لکيو هو۔وينانڪ دامودر ساورڪر اهو پهريون شخص هو۔جنهن ان واقعي جي باري ۾ لکندي ان کي پنهنجي ڪتاب ”هندستان جي آزادي واري جنگ“سان ڳنڍيو آهي۔اهو ڪتاب 1901ع ۾ چپيو هو۔ساورڪر اهو ڪتاب قومي نقط نظر کان لکيو هو۔آزادي جي ان جنگ ۾ هندو ۽ مسلمان برابر جا شريڪ هئا۔ان جنگ ۾ جن اڳواڻن مزاحمت ڪئي۔ساورڪر انهن کي هيروز جو درجو ڏنو۔انهيء ڪتاب جي لکڻ تي ساورڪر تي ڪيس هلايو ويو ۽ هن کي سزا جي طور تي ڪاري پاڻي ۾ قيد ڪيو ويو هو۔
هندستان ۾ برطانوي حڪومت جي دور ۾ ”بهاني“واري موضوع تي لکڻ منع هو۔صرف انهن ڪتابن جي چپائي جي اجازت هئي۔جنهن ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي حڪومت کي جائز قرار ڏنو ويو هجي ۽ ”باغين“ کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هجي۔مثلا سرسيد احمد خان پنهنجي ڪتاب ”تاريخ سرکشي بجنور“۾ جتي هو ان وقت ڪمپني جو ملازم هو۔باغين کي ڪميڻو ۽ مردود لکيو۔بهانو سڏرائڻ واري جنگ تي هندستاني نقط نظر کان لکڻ وارن تي پابندي جي سبب کان 1867ء جو برطانوي نظريو ئي سچائي جو سبب بڻيو رهيو۔ايستائين ته جڏهن مشهور جادو ناٿ سرڪار 1857ع جي واقعي تي تحقيق جو منصوبو بڻايو۔ان کي فورن ئي چڏيو ويو۔ان لاء ته هن کي برطانوي حڪومت جي ناراضپي جو خطرو هو ۽ پوء ان مورخ پنهنجي تحقيق کي مغلن جي زوال تي ئي محدود رکيو۔
1947ع ۾ آزادي کانپوء ڀارتي حڪومت 1957ع ۾ ان موضوع تي تحقيقي ڪتاب چپرايا۔مشهور مورخ ايس اين سين پنهنجي ڪتاب جو ٽائيٽل صرف1857ء ئي رکيو ۽ اهو چٽو نه ڪيائين ته اهو واقعو بهانو هو يا آزادي واري جنگ۔مولانا ابوالڪلام آزاد جيڪو ان وقت ڀارتي تعليم جو وزير هو۔ان ڪتاب تي پنهنجو ڪيس لکيو هو۔هڪ بنگالي مورخ 1857ء کي Sepoy Mutiny يعني سپاهين جي بغاوت لکيو آهي۔
1857ع جي باري ۾ ٻه نقط نظر آهن۔پهرين نظريي ۾ اهو چيو ويو ته1857ع جي مزاحمت ۾ هندستان جا اهي مقامي حڪمران شامل هئاجن جون رياستون ڪمپنيء ضبط ڪري چڏيون هيون۔جيئن جهانسي جي راڻي۔نانا صاحب ۽ حضرت محل۔ٻيئي نظريي ۾ اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته ان مزاحمت ۾ هاري۔ڪاريگر ۽ عام ماڻهو به شامل هئا۔هفتيوار اقتصادي ۽ سياسي رسالي EPW جو هڪ شمارو 1857ء جي باري ۾ به هو۔جنهن ۾ دلت طبقي جو به ذڪر آهي۔جنهن مزاحمت ۾ حصو ورتو هو۔
سبالٽرن مورخن پنهنجي تحقيق ۾ هارين جي بغاوتن جو ذڪر ڪيو آهي۔جيڪا1857ع جي ردعمل ۾ ٿي هئي۔ڀارت ۾ تاريخي تحقيق جي ڀارتي ڪونسل1857 ع تي تحقيق جي لاء هڪ الڳ شعبو قائم ڪيو آهي۔جيڪو انهن واقعن تي لکيل لکڻين کي شايع ڪري رهيو آهي۔جيڪي سالن کان گم هيون۔انهن ۾ ماڻهن جون لکڻيون۔عوامي گيت۔واقعن جو اکين ڏٺو احوال۔سڀ ڪجھ شامل آهي۔پاڪستان ۾ هينئر پنجاب ۽ سنڌ به 1857ع آزادي جي جنگ ۾ پنهنجي ڪردار تي تحقيق ڪري رهيا آهن۔حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ جيڪي بغاوتون ٿيون هيون۔انهن جو حال ڪنهيا لال پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي۔پنجاب ۾ احمد خان کرل کانسواء عوامي گيتن ۾ جيڪو1857ع جو ذڪر آهي. ان کي به گڏ ڪيو ويو آهي۔










