عيد جي ٻئي ڏينهن به ڪينال سموارا نامنظور، احتجاج جاري

عيد جي ٻئي ڏينهن به ڪينال سموارا نامنظور، احتجاج جاري

ڪراچي(نمائندن وٽان)درياهه بچايو ڪميٽي ۽ سول سوسائٽي جي اپيل تي عيد جي ٻئي ڏينهن به سنڌ جي اڪثر ننڍن وڏن شهرن ۾ نوان ڪينال ٺاهڻ خلاف احتجاجي مظاهرن جو سلسلو جاري آهي. گهوٽڪي، پنو عاقل، ڪشمور، شڪارپور، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، دادو، ڄامشورو، مانجهند، قاضي احمد، سڪرنڊ، نوابشاهه، حيدرآباد، ٺٽو، سجاول، بدين، ميرپور خاص، عمر ڪوٽ سميت اڪثر شهرن ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن احتجاجي جلوس ڪڍيا. احتجاجي مظاهرن ۾ سنڌوءَ تي ڪينال سموارا نامنظور جا نعرا هنيا. مقررن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ چولستان ۽ چوبارا ڪينال ٺاهي ريگستان کي آباد ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ جي آباد ۽ زرخيز زمينن کي بنجر بڻايو پيو وڃي. سنڌ جي فصلن ۽ نسلن جي جياپي لاءِ پاڻي ضروري آهي. ياد رهي ته سنڌ ۾ گذريل ڪيترن هفتن کان روزانو جي بنياد تي احتجاج جو سلسلو جاري آهي. جنهن ۾ اسڪولن جا ٻارڙا به شامل آهن. هي پهرين عيد آهي ته عيدگاهن ۽ مسجدن ۾ جتي ممبرن تان عالمن ڪينال ڪڍڻ خلاف پنهنجي خطبن ۾ به احتجاج ڪيو. ڪراچي ۾ کڏي واري تاريخي ۽ انقلابي مسجد جي امام، مولانا محمود به سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ ۽ نوان ڪينال ڪڍڻ خلاف پنهنجي خطبي ۾ احتجاج ڪندي سنڌيءَ ۾ تقرير ڪئي. اڪثر عالمن جو چوڻ آهي ته عالمي قانون هجي يا اسلامي قانون، ان موجب ڪنهن به درياهه تي پڇڙي واري جو اڳ ۾ حق هوندو آهي. ٻئي پاسي آمريڪي رياست ورجينيا ۾ رهندڙ سنڌين به احتجاجي جلوس ڪڍي ڪينال ڪڍڻ خلاف احتجاج ڪيو.

Protest in USA’s virginia state by Sindhi community.

پهنجو تبصرو موڪليو