17 آڪٽوبر جو واقعو سنڌ جي قومي جدوجھد جو اھم ڏينھن آهي

17 آڪٽوبر جو واقعو سنڌ جي قومي جدوجھد جو اھم ڏينھن آهي

خاصخيلي لطيف راولاڻي
سنڌ جي تاريخ ۾ ڪافي اھڙا واقعا موڙ ڏينھن رقم ڪيا ويا آھن جيڪي اڄ به اکين جي آڏو گھمن ٿا ۽ ڪڏھن به نه وسرڻ جھڙا منظر آھن ۔سنڌ جي تاريخ اھڙن واقعن سان ڀري پئي آھي جن جا ڪردار اڄ به ذھن تي تري اچن ٿا ۽ انھن کي ياد ڪري سنڌي قوم ۾ ھڪ نئون روح جنم وٺي ٿو جيڪو کين قومي تحريڪ سان ڳنڍي ٿو ۽ ان ۾ اڳي کان به وڌيڪ مضبوط پڪو پختو عزم ھمت حوصلو ڏيئي ٿو ۔
اھڙن ئي واقعن ۾ سنڌ جو ھي اھم تاريخي واقعو 17آڪٽومبر تي ٽوڙي ڦاٽڪ تي رونما ٿيو ھو جنھن کي ٽوڙي ڦاٽڪ جو سانحو جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو ان تي ماضي ۾ تمام گھڻو لکيو ويو آھي ان واقعي جي مک ڪردار گل محمد جکراڻي جي عدالتي بيان تي مشتمل ٽوڙي ڦاٽڪ تي ڪتاب به شايع ٿيو ھو جنھن ۾ ان واقعي جي مڪمل تفصيل بيان ٿيل آھي ان کان علاوه سنڌ جي اديبن ڏاھن به انھي واقعي تي پنھنجا ويچار مضمونن وسيلي مختلف مئگزين ۽ اخبارن ۾ شايع ڪيا آھن ۔انھن ڪافي ڳالھين جي نشاندھي نه ڪئي آھي جئين جو تئين انھن کي خبر ملي آھي اھا لکي وئي آھي جئين اسان وٽ ماضي ۾ تاريخ جا ڪتاب به ائين ئي لکيا ويا آھن جن کي جيتري جتان به خبر ملي ان کي جئين جو تئين لکي شايع ڪري ڇڏي ۽ ڪتاب پڻ لکيا ويا آھن ۔
ٽوڙي ڦاٽڪ جو اھم ڪردار جيڪو سنڌ جي تاريخدانن کان رھجي ويو آھي اھو آھي سنڌ جو مزاحمتي شاعر معشوق علي سولنگي عرف آتش سنڌي جيڪو ان دور ۾ سنڌ يونيورسٽي پورھيت سنگت جو اڳواڻ ھو ۽ يونيورسٽي ۾ ڪينٽين ھلائيندو ھو ۔جيڪو پڻ ٽوڙي ڦاٽڪ جي واقعي جو اھم ڪردار ھو ۽ انھي شاگردن جي قافلي ۾ سوار ھو جيڪو قافلو سنڌ يونيورسٽي کان لاڙڪاڻو وڃي رھيو ھو جتي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردن طرفان جشن لطيف جو پروگرام ٿيڻو ھو ۔قافلي جي اڳواڻي ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي اڳواڻن مالڪ خشڪ گل محمد جکراڻي ستار موريو ذڪريا ميمڻ ۽ ٻيا شاگرد اڳواڻ ڪري رھيا ھئا ۔آتش سنڌي به انھي سفر جو ساٿي ھو ۔اھو قافلو جڏھن سنڌ يونيورسٽي کان روانو ٿيو ته ان کي ٽوڙي ڦاٽڪ تي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي محافظن روڪي ورتو ۽ قافلي وارن کي چتاء ڏنائون ته اسان جي خفيه اداري اطلاع ڏنو آھي ته ھن قافلي ۾ شاگردن جي روپ ۾ ڪجھ ڏوھاري به آھن جيڪي اسان کي گھربل آھن اھي اسان جي حوالي ڪريو ۔ان تي شاگردن چيو ته اسان جي قافلي ۾ ڪوبه ڏوھاري ڪونھي اسين شاه لطيف ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاء لاڙڪاڻو وڃي رھيا آھيون اسان جي رستي روڪ نه ڪريو اسان کي وڃڻ ڏيو قانون نافذ ڪندڙ محافظ چئني طرفن کان قافلي کي گھيري ۾ آڻي اڳتي وڌڻ کان روڪي مورچه بند ٿي ويا ۽ انھن شاگردن جي ھڪ ڳالھ به نه ٻڌي ۽ چوڻ لڳا ته بسون خالي ڪري سڀ شاگرد گرفتاريون ڏيو ۔انھي وٺ وٺان ۾ ڪافي ٽائيم گذري ويو ۔قانون نافذ ڪندڙ محافظن کان صبر نه ٿيو يا ڪو ٻيو حڪم نامو ھنن کي موصول ٿيو جو ھنن بنا ڪنھن روڪ ٽوڪ جي شاگردن مٿان سڌيون گوليون ھلائڻ شروع ڪيون نتيجي جي طور تي شاگرد گوليون کائيندا ھيٺ ڪرندا ويا ان تي گروپ اڳواڻ گل محمد جکراڻي اڳتي وڌي ڪري قانون نافذ ڪندڙ محافظن کي وڏي واڪي رڙيون ڪندي روڪيو ته بيگناه قتل عام نه ڪريو اسين سڀ گرفتاريون ڏيڻ لاء تيار آھيون ۔ان تي بندوقن جا منھن بند ٿيا پر تيستائين ڇھ کن جوڌا شديد زخمي ٿي سنڌ ڌرتي تان قربان ٿي ويا ۔جکراڻي جي انھي للڪار وڌيڪ شاگردن کي شھيد ٿيڻ کان بچائي ورتو ۔۽ بس ۾ موجود ھٿيارن سميت پاڻ کي ۽ ٻين ساٿين کي به گرفتاري ڏيڻ لاء پيش ڪيو ۔ان سڄي واقعي جي روداد راقم کي مرحوم آتش سنڌي ٻڌائي ۽ چيائين جکراڻي اھڙو تڪڙو قدم نه کڻي ھا ته اسين سڀ ختم ٿي وڃون ھا اھي قانون نافذ ڪندڙ ادارا پوري تياري سان آيا ھئا ته ڪنھن کي به جيئرو ناھي ڇڏڻو جو سڄي سنڌ جو مستقبل انھي قافلي ۾ سوار ھو ۔باقي شاگردن سان گڏ آتش سنڌي کي به حيدرآباد ۾ جيل جي حوالي ڪيائون ۔جتي مٿس ڪوبه ڏوه ثابت نه ٿي سگھيو کيس ڪجھ مھينا جيل ۾ رکڻ کان پوء آزاد ڪيو ويو اھڙي ريت ٻين شاگردن کي به آزاد ڪيو ويو جن وٽان ھٿيار ھٿ آيا انھن تي ڪورٽ سڳوري ۾ ڪيس ھلايو ويو پر ڪوبه ڏوه ثابت نه ڪري سگھيا ته اھي شاگرد ھئا ڏوھاري ڪونه ھئا ۔پر جيڪي شاگرد انھي واقعي ۾ شھيد ٿي ويا انھن جو ڪوبه داد فرياد نه ٿيو ۔ھر سال انھي ڏينھن تي انھن جون ورسيون ملھائجن ٿيون ڏيئا ٻاريا وڃن ٿا انھن کي انصاف نه ملي سگھيو ۔پر تاريخ جي صفحن تي اھي سنڌ جا جوڌا امر ٿي ويا ۽ اڄ به ھر باشعور انسان انھن جي قربانين کي ياد ڪري ٿو ۽ انھي ڏينھن کي سنڌ جو قومي ڏينھن ڪري ملھائين ٿا ۔آتش سنڌي انھي واقعي تي شاعري به ڪئي ھئي جيڪا ھن ريت آھي ۔
سترنھن آڪٽومبر جو واقعو پٿرلو سنسان علائقو
رت ۾ ريٽا لاش لڙھن ٿا چوطرف آھي گولين جو دھماڪو

پهنجو تبصرو موڪليو