اسلام آباد (بيورو) حڪومت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهيون وڌيڪ مشڪل ٿي ويون آهن، عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي پراڻي مطالبي تي قائم آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ کانسواءِ ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي. ذريعن موجب 16 مئي کان پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پيٽرول تي سبسڊي محدود ڪئي وڃي ۽ پيٽرول تي عام سبسڊي ختم ڪئي وڃي.ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو پلان اڳ ئي ڏئي چڪو آهي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ واري منصوبي تي عمل ڪرڻو پوندو.آءِ ايم ايف اڳ ۾ ئي بجلي جي خساري کي گهٽائڻ لاءِ ايڪشن وٺي چڪو آهي، هاڻي بجلي خساري ۾ گهٽتائي لاءِ ايڪشن پلان تي عمل ڪرڻو پوندو.
