13 مارچ تي آئي آئي چندريگر روڊ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان

13 مارچ تي آئي آئي چندريگر روڊ تي جلسو ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي تحت اڄ ڇنڇر ڏينهن 13 مارچ تي آئي آئي چندريگر روڊ تي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ڳري اڪثريت ۾ ڪاميابي تي عام جلسو ڪيو ويندو جلسي کي پي پي چيئرمين پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري خطاب ڪندو ان ڳالهه جو اعلان پيپلزپارٽي ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ صوبائي وزير سعيد غني جمعي ڏينهن ڪيو سعيد غني چيو ته ڪراچي جي عوام پي پي کي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن ۾ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪري ثابت ڪيو آهي ته هي شهر ۽ هتان جو عوام پيپلزپارٽي سان گڏ هو آهي ۽ رهندو. هن چيو ته اسان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي خاص طور تي اپيل ڪئي هئي ته هو ڪراچي جي عوام ۽ پارٽي جي ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪري جنهن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ڇنڇر ڏينهن 13 مئي تي پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڏنو آهي سعيد غني چيو ته جلسي جو اسٽيج آئي آئي چندريگر روڊ تي نيشنل بئنڪ هيڊ آفيس وٽ ٺاهيوويندو ۽ ڪراچي مان ايندڙ ريلين کي شاهين ڪمپليڪس جي رستي جلسي گاهه ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويندو جڏهن ته جلسي ۾ ايندڙ پنهنجون گاڏيون آئي آئي چندريگر روڊ تي ريلوي گرائونڊ ۾ پارڪ ڪري اتان جلسي ۾ شامل ٿيندا هن پيپلزپارٽي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته اهي پرامن طريقي سان جلسي ۾ شرڪت لاءِ اچن ۽ جيڪڏهن کين رستي ۾ ڪنهن قسم جي جذبا ڀڙڪائڻ جي ڪوئي ڪوشش ڪري ته اهي بلڪل ڪوئي ريسپانس نه ڏين ۽ جلسي کي ڪامياب بنائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن هن ڪراچي جي عوام کي به اپيل ڪئي آهي ته عوام شڪريه ڪراچي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري ته جيئن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ان جو شڪريو ادا ڪري.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو