12 مئي سانحو ۽ بهادر وڪيلن جون ڏنل قربانيون

تحرير محمد خالد ميمڻ
اسان جڏهن به 12 مئي جو ذڪر ڪنداسين ته اسان کي هڪ دم بدترين حڪمراني، بدترين سياست ۽ بدترين انتظاميا جو اهو چهرو نظر ايندو، جن سڀني گڏجي  روشنين جي شهر ڪراچيءَ جي من موهيندڙ چهري تي رت جا اهي نديون وهايون، پوري شهر جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رت جي اها راند رچائي وئي،  جنهن راند ڪراچيءَ کي هڪڙي ڏينهن ۾ 65 لاش ڏنا، ان ڏينهن ان وقت جي فوجي حڪمران پرويز مشرف جي چرچ تي ڪراچيءَ جي تنظيم ايم ڪيو ايم پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آف پاڪستان چوڌري افتخار احمد جي ڪراچي آمد کي روڪڻ ۽ پنهنجي طاقت جو زور ڏيکارڻ لاءِ جيڪا کلي عام دهشتگردي ڪئي،ان جون شاهد اهي وڊيو ڪلپس آهن،جيڪي مختلف ٽي وي چئنلس جي ڪئميرامين رڪارڊ ڪيون ۽ چئنلن تي نشر ٿيون، جيڪي سڄي دنيا ڏٺيون،جهڙي نموني روڊ رستا ڪنٽينرس وسيلي بلاڪ ڪري ماڻهن تي انڌا ڌنڌ  فائرنگ ڪئي وئي، وڪيلن کي ڪمرن ۾ بند ڪري باهيون ڏئي ساڙي ماريو ويو، ۽ جهڙي نموني ان ڏينهن هٿيار کڻي دهشتگرد روڊن تي ڦري رهيا هئا، ان ڏينهن ڪراچي شهر جهنگ جي قانون جو اهو ڏيک ڏئي رهيو هو، جنهن ڏيک پوري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو هو،  پر ان وقت جي حڪمران پرويز مشرف ۽ انهيءَ جي اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم کي ڪو رحم نه آيو هو،  هنن جي ماڻهن  پوري شهر ۾ رت جا سمنڊ وهايا, هنن جي ماڻهن پوري شهر ۾ سرعام ماڻهون ماريا،ان ڏينهن ڇا ته شهر ۾ قيامت جو منظر هو لاش کڻندڙ ايمبولينس کي نشانو بڻائي انهن جي ڊرائيورن کي ماريو ويو، ته اوهان لاش نه کڻو لاش تڙپي تڙپي مرن ۽  ائين ئي ٿيو هو،  شهر جي هر چوڪ تي 65 کان وڌيڪ ماڻهن تڙپي تڙپي دم ڏنو هو، 12 مئي تي جڏهن پوري ڪراچيءَ جا روڊ رت سان ڳاڙها هئا، 12 مئي جڏهن پوري ڪراچيءَ ۾ موت جو راڪاس ۽ خوف حراس هو،تڏهن پرويز مشرف جو دور هو ته پرويز مشرف 12 مئي جي ذميوار ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بجاءِ انهن جي سرپرستي ڪئي انهن کي تحفظ ۽ حڪومتي پروٽوڪول ڏنو،جڏهن پيپلز پارٽيءَ جو دور آيو ته انهن کي مفاهمت جي ناياب نسخي تحت قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ بجاءِ انهن کي وزارتون ڏنيون ويون انهن کان پوءِ نواز ليگ جو دور آيو انهن به اهڙو ڪو ٻوٽو نه ٻاريو، هاڻي وري پي ٽي آءِ سرڪار جي حڪمراني آهي، انهن به ڪا اهڙي تبديلي نه ڏيکاري انهن به 12 مئي جي ڏوهارين کي وزارتن ۾ حصا ڏنا آھن جيڪو ملڪ جو وڏو اليمو آهي ته هن ملڪ جي سڀني حڪومتن جي دؤرن ۾ 12 مئي جي قاتلن کي جيلن ۾ وجهڻ بجاءِ انهن کي وزارتون ۽ پروٽوڪول ڏنوويو، اڄ 12 مئي واقعي کي چوڏهن سال گذري چڪا آهن،۽ مون کي ياد آھي ته اڄ کان 14 سال اڳ جڏهن چيف جسٽس چوڌري افتخار احمد کي ڪراچي اچڻ کان روڪڻ لاء ايم ڪيو ايم طاقت استعمال ڪئي ته چوڌري صاحب سان گڏ جن وڪيلن ساٿ ڏنو انهن ۾ اسان جي شھر ڦل جو هڪ باصلاحيت باڪردار همت حوصلي وارو بهادر نوجوان ملير ڪراچي ڪورٽ جو وڪيل غلام مجتبي ڦل به هڪ هيو ۽ دهشتگردن ان تي گوليون وسايون هيون جنهن ۾ هو سخت زخمي پڻ ٿيو هيو کيس اسپتال پهچائي ان جي جان بچائي وئي هئي سندس ڏنل قرباني کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي اسان ڦل واسين کي ايڊووڪيٽ غلام مجتبي ڦل تي فخر آھي جنهن حق سچ جو ساٿ ڏيندي پنهنجي جان جي به پرواه نه ڪئي پر ايڊووڪيٽ غلام مجتبي ڦل سميت ان وقت جن به باضمير,باغيرت,بهادر وڪيلن,سياستدانن,عام ماڻھن سچ جو ساٿ ڏيندي چوڌري افتخار جو ساٿ ڏنو انهن سڀني کي هڪ ڏک ضرور آھي ته ان واقعي کي چوڏهن سال گذري ويا آھن پر اڄ ڏينهن تائين ان واقعي جي ذميوارن کي سزا نه ملي سگهي آھي پر الٽو ان واقعي ۾ ملوث ماڻھن کي پروٽوڪول سان ٻاهر وڃڻ ڏنو ويو وزارتون ۽ وڏا اختيار ڏنا ويا حالانڪه اگر اسان جي سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو ٿورو به ضمير زنده هجي هان ته اڄ ان 12 مئي جي سانحي جنهن ۾ 65 بيگناه ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيون هيون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هيا ته ان واقعي جا ذميوار ڦاسي تي چڙهي چڪا هجن ها پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان جي ملڪ ۾ قانون صرف ڪتابن ۾ لکيل هجڻ تائين محدود آھي ۽ سياسي ڀوتار رڳو پنهنجي حڪومتون ٺاهڻ ۽ بچائڻ ۾ پورا آھن جڏهن ته قانون جي حڪمراني رڳو نالي ۾ آھي انڪري ته اسان وٽ جيڪو ڏاڍو سو گابو لڳو پيو آھي جيڪو به ڏاڍو جيئن چاهي ٿو اهو ڪري ٿو پيو ۽ ان کي ڪير چوڻ آکڻ وارو ڪونه آھي

پهنجو تبصرو موڪليو