پاڪستاني ۽ پرڏيهي 104 شخصيتن کي اعزاز ڏيڻ جي منظوري

پاڪستاني ۽ پرڏيهي 104 شخصيتن کي اعزاز ڏيڻ جي منظوري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) صدر آصف زرداري 104 پاڪستانين ۽ پرڏيهين کي ايوارڊ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب 104 پاڪستانين ۽ پرڏيهين کي پاڪستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي عوامي خدمتن جي اعتراف ۾ نشان پاڪستان، راندين جي ميدان ۾ ارشد نديم کي هلال امتياز، مراد سدپاره کي ستاره امتياز، مرحوم ناصر ڪاظمي کي نشان امتياز سان نوازيو ويو. ادب جي شعبي کي بعد ۾ منظور ڪيو ويو آهي.پاڪستان لاءِ خدمتن جي اعتراف ۾ شهزادي عبدالعزيز بن سلمان آل سعود کي هلال پاڪستان، امير حفيظ ابراهيم کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ هلال امتياز، ڊاڪٽر غلام محمد علي ۽ سردار محمد آفتاب احمد خان ويٽو کي ستاره امتياز سان نوازيو ويو. تعليم جي شعبي ۾ ڊاڪٽر ساره قريشي، ڊاڪٽر رفيع الدين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عثمان قمر کي تمغه امتياز، سعديه رشيد کي هلال امتياز، ضياءُ الحق، ڊاڪٽر سليمان شهاب الدين ۽ سيد اظهر حسين عابدي کي ستاره امتياز ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ميڊيسن ڊپارٽمينٽ ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شهريار ۽ ڊاڪٽر زرياب کي هلال امتياز، ڊاڪٽر عڪيف الله خان، ڊاڪٽر سيد عابد مهدي ڪاظمي، اڪرام الله خان کي تمغا امتياز، ڪولن ڊيوڊ کي ستاره امتياز، ارشد عزيز ملڪ، بختيار احمد ڏنو. ۽ بئريسٽر ظفر الله کي آرٽس ڊپارٽمينٽ ۾ امتياز، فريحا پرويز، حميد رانا، شيبا ارشد ۽ نويد احمد ڀٽي کي صدارتي ايوارڊ فار ايڪسيلنس سان نوازيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو