100 ڏينهن چارج هلائيندڙ فون متعارف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)سمارٽ فون هاڻي اسان جي زندگي لاءِ اهم بڻجي چڪيون آهن ۽ هر وقت ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي.۽ اهو چوڻ جي ضرورت نه آهي ته جيڪڏهن اوچتو سمارٽ فون جي بيٽري ختم ٿي وڃي ته ماڻهو به پريشان ٿي ويندو آهي.حقيقت ۾ ماڻهن کي پنهنجو روز گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ته چارج ڪرڻو پوي ٿو.پر هڪ اهڙو نئون سمارٽ فون سامهون آيو آهي جنهن کي هفتي ۾ رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ جي ضرورت پوي ٿي.جي ها واقعي هڪ آمريڪي ڪمپني انرجائزر جو نئون فون 28000 ايم اي ايڇ جي تمام وڏي بيٽري سان ليس آهي.هارڊ ڪيس پي 28 ڪي (P28K) ناليان فون کي عام استعمال تي هر هفتي رڳو هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ جي ضرورت پوندي.ان جو اسٽينڊ باءِ ٽائيم 2252 ڪلاڪ يا لڳ ڀڳ 94 ڏينهن آهي، يعني فون جو استعمال نه ڪيو وڃي ته ان جي بيٽري 3 مهينن تائين ڪم ڪندي.جيڪڏهن ان فون سان لاڳيتو ڳالهايو وڃي ته ان جي بيٽري 122 ڪلاڪن يا 5 ڏينهن تائين ڪم ڪندي.ايتري وڏي بيٽري سان ليس هجڻ سبب اهو فون ڪافي ٿلهو آهي ۽ ان جو وزن به 570 گرام آهي.ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي مڪمل چارج ڪرڻ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ لڳي ٿو ڇو جو ان سان گڏ 36 واٽ فاسٽ چارجر ڏنو ويندو.فون ۾ 8 جي بي ريم، 256 جي بي اسٽوريج، بيڪ تي 3 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ۽ ميڊيا ٽيڪ پراسيسر موجود آهي.ان فون جي قيمت 250 يورو رکي وئي آهي ۽ اها آڪٽوبر 2024کان اڳ وڪري لاءِ نه ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو