لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي 10 آگسٽ تي گهرواري سان ملاقات ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس راحيل ڪامران پرويز الاهي جي گهرواري قيصره الاهي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالت چيو ته سرڪاري وڪيل ملاقات ڪري عدالت کي آگاهه ڪري.قيصره الاهي طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پرويز الاهي کي سمورن ڪيسن ۾ ضمانت ملڻ باوجود نظربند ڪيو ويو آهي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته چوڌري پرويز الاهي سان ملاقات جي اجازت ڏني وڃي.
