ٻارن جي جنسي استحصال جي ڪيس ۾ 13 جوبدارن جو رمانڊ منظور

ٻارن جي جنسي استحصال جي ڪيس ۾ 13 جوبدارن جو رمانڊ منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ٻارن جي جنسي استحصال تي ٻڌل متحرڪ وڊيوز ۽ فحش مواد جي مبينا آن لائين وڪري، تياري ۽ سوشل ميڊيا تي دوکي وارين سرگرمين جي ڪيسن ۾ عدالت ڇنڇر ڏينهن هڪ درجن کان وڌيڪ جوابدارن کي قومي سائبر ڪرائم جاچ اداري (اين سي سي آءِ اي) جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو.
اين سي سي آءِ اي جي ڪراچي زون دعويٰ ڪئي آهي ته 23 آڪٽوبر تي گلستانِ جوهر جي رابعه سٽي ۾ ڇاپو هڻي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. ڪارروائي دوران ٽن ڪمپنين کي نشانو بڻايو ويو، جن تي مبينا طور جنسي طور چِٽو مواد رکندڙ متحرڪ ڪارٽون، ٻارن جي جنسي استحصال تي ٻڌل متحرڪ مواد، فحش ڊجيٽل مواد تيار ڪرڻ، ان جي تشهير ۽ ان کي آن لائين وڪڻڻ سان گڏ پرڏيهي گراهڪن کي ڊجيٽل ڊزائيننگ جون ٻيون خدمتون فراهم ڪرڻ جا الزام آهن.
اين سي سي آءِ اي جي عملدارن 13 جوابدارن کي جوڊيشل مئجسٽريٽ (اوڀر) جي عدالت ۾ پيش ڪيو ۽ وڌيڪ جاچ ڪرڻ توڙي سندن مبينا ساٿين کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جوابدارن جي تحويل ڏيڻ جي درخواست ڪئي.
عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جا موبائل فون به ضبط ڪيا ويا آهن، جن جي فني جاچ ۽ فارنزڪ تجزيي لاءِ وڌيڪ وقت گهربل آهي.
مئجسٽريٽ جوابدارن کي چئن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي اين سي سي آءِ اي حوالي ڪندي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻيءَ تي کين اڳڀرائي واري رپورٽ سان گڏ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
ان کان اڳ ڪارروائي دوران ڪمپنين جي مالڪن ۽ ملازمن سميت 42 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته 45 موبائل فون پڻ ضبط ڪيا ويا هئا.
عملدارن موجب، ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ڪمپنيون منظم ٽيمن جي صورت ۾ آن لائين ايجنٽن ذريعي ڪم ڪري رهيون هيون. اهي ايجنٽ مختلف سماجي رابطن جي پليٽ فارمن، خاص طور انسٽاگرام ۽ ايڪس، ذريعي پرڏيهي گراهڪن سان رابطو ڪندا هئا.
الزام آهي ته ايجنٽ پرڏيهي گراهڪن کي پاڻ ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ فرضي سڃاڻپن، عورتن جي نالن ۽ ٻين ماڻهن جي نالن سان ٺاهيل جعلي پروفائلن تي ڪيترائي سوشل ميڊيا اڪائونٽ ٺاهيندا ۽ هلائيندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو