هڪ سئو کان گهٽ نوڪرين لاءِ 12 هزار کان وڌيڪ اميدوار

هڪ سئو کان گهٽ نوڪرين لاءِ 12 هزار کان وڌيڪ اميدوار

بدين(رپورٽ مرتضي ميمڻ) روينيو کاتي ۾ هڪ گريڊ کان چارگريڊ تائين جي نوڪرين جون صرف 90 خالي جڳهين تي پنج درجا پاس کان وٺي گريجوئيٽس تائين جي 12000 هزار 200 نوجوانن هڪ سال پهرين درخواستون جمع ڪرايون هيون جن مان 11 هزار درخواستون صرف ڪوٽار ۽ پٽيوالي جي نوڪرين لاء ۽ 700 سئو درخواستون جنريٽر آپريٽر اليڪٽريشن جي نوڪري لاء ۽ چوڪيدار مالي ۽ سينٽري ورڪرز جي پوسٽن لاء 500 سئو درخواستون ڊي سي آفيس بدين ۾ جمع ٿيون هيون هڪ سال کانپوء گذريل ڏينهن 16 مارچ تي ڪوٽار ۽ پٽيوالي جي پوسٽن لاء درخواستون ڏيندڙ 11 هزار بي روزگار نوجوانن کي اسسٽنٽ ڪمشنر بدين جي نگراني ۾ جوڙيل ڪميٽي اڳيان اخباري اشتهار ذريعي انٽرويو لاء گهرايو ويو ۽ سخت گرمي هئڻ جي باوجود هزارن جي تعداد ۾ بدين ضلع جي ڏورانهن علائقن مان ڊي سي آفيس اڳيان جمع ٿيل نوجوانن جي ويهڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بندبست نه ڪيو ويو. سفارشي نوجوانن کي ڳولي ڳولي انٽريو وٺڻ تي نوجوان مشتعل ٿي ويا ۽ هنن ڊي سي بدين ۽ انٽرويو وٺندڙ ڪميٽي خلاف نعرا هڻندي احتجاج ڪري ڊي سي آفيس اڳيان مين ڪراچي رڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو ڪجھ دير بعد مختيار ڪار بدين ڪاران بهراڻي ۽ايس ايڇ او بدين انور لغاري ڌرڻي ۾ پهچي نوجوانن کي يقين ڏياريو ته سڀني اميدوارن کان انٽرويو ورتا ويندا جنهن کانپوء نوجوانن احتجاج ته ختم ڪري ڇڏيو. احتجاج جون ويڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوء ڊي سي بدين آغا شاهنواز خان طرفان بيان جاري ڪيو ويو آھي ته هڪ گريڊ کان چار گريڊ جي نوڪرين لاء 16 مارچ کان 18 مارچ تائين شروع ڪيل انٽرويو جي تاريخ ۾ هڪ ڏينهن 19 مارچ تائين جي واڌ ڪئي ويئي آھي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي يونين ڪائونسل کان ضلعي عهديدارن کي ٻه ٻه نوڪرين جي ڪوٽا ڏني وئي آهي ا آرڊر ۽ چونڊيل نمائندن کي 25 25 نوڪين جا آرڊر ڏيڻ جوفيصلو ڪيو ويو آھي جن لاء انهن کان نالا پڻ ورٿا ويا هئا ۽ انهن ڏنل نالن واري لسٽ کي آخري شڪل ڏيئي سي ام سنڌ جي حوالي ڪئي ويئي  جتان کان انهن لسٽن موجب نوڪرين جا آرڊر جاري ڪرڻ لاء متعلقه سرڪاري کاتن جي اعلي عملدارن کي لسٽون اڳواٽ ئي روانيون ڪيون ويون آھن ۽ هي انٽرويوصرف خانا پوري آھي ٻئي طرف بدين جي بي روزگار نوجوانن جي وڏي انگ پنهجا نالا ظاهر نه ڪرڻ  جي شرط تي ٻڌايو آھي ته هنن کان ٻه سال اڳ ۾ هڪ لک کان پنج لک روپين تائين نوڪرين جي عيوض پيسا ورتا ويا آھن ۽ ايندڙ مهيني اپريل ۾ اسان کي نوڪرين جا آرڊر ڏيڻ جو وعدو ڪيو ويو آھي ھنن نوجوانن ۾ هڪ اهڙو نوجوان به شامل آھي جنهن پنهنجو چنگچي رڪشو وڪڻي نوڪري لاء پيسا ڏنا آھن پيپلز پارٽي جي هڪ پراڻي ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪن جنهن کي محترما بينظير ڀٽو شھيد 94 ۾ نوڪري ڏني هئي ٻڌايو آھي ته کيس کان پنهنجي پٽ ۽ ڀاڻيجي کي نوڪري لاء 16 لک روپيا ورتا ويا ۽ ڪلارڪي جا  آرڊر ڏنا ويا جيڪي جعلي نڪتا آھن ساڍا ٽي سال يا آھن ايندڙ مهيني اپريل تائين نوڪري جا آرڊر يا پيسا واپس ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو آھي هنن چيو ته وعدو نه پاڙيو ويو ته پريس ڪانفرنس ڪري نوڪرين جا پيسا وٺندڙن جا نالا ۽ ثبوت منظر عام تي آڻينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو