ھن قومي جاڳرتا کي روڪي سگهندئو؟

ھن قومي جاڳرتا کي روڪي سگهندئو؟

سيد يوسف شاھہ
سنڌو درياھہ مان ڪئنال ڪڍڻ واري تحريڪ گجگوڙ ڪندڙ سمنڊ ۽ طوفان جو روپ اختيار ڪري چڪي آھي، رمضان جو پورو مھينو سنڌي مرد، عورتون، نياڻيون، شاگرد، اسڪولي ٻار، ھاري، آبادگار، وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، لڳ ڀڳ سموريون سياسي پارٽيون توڙي سماجي تنظيمون روڊن تي نظر آيون ۽ سڀني جو ھڪ ئي نعرو ھو، ” سنڌوءَ تي ڪئنال سمورا نامنظور“ ايتري تائين جو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو سنڌ جا عالم ۽ ذاڪر بہ ھن تحريڪ جو حصو بنجي ويا، عالمن انھن ڪئنالن کي غير شرعي قرار ڏيندي فتوائون جاري ڪيون، مسجدن ۾ ڪئنال ٺاھڻ خلاف واعظ ٿيڻ لڳا، غدارن تي ڪروڙين لعنتون وڌيون ويون، سندن پُتلا ساڙھيا ويا. اتي سنڌي اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا بہ پاڻ ملھائيدي، وڏيءَ بھادريءَ ۽ بي ڊپائيءَ سان ثبوت ھٿ ڪري، عام ماڻھن جي سامھون آندا، حڪمرانن کان پڇاڻو ڪيو، سنڌي چئنلن ٺھندڙ ڪئنالن جا وزٽ ڪري، حقيقتون عوام جي آڏو آنديون. اھڙيءَ ريت سنڌي ميڊيا ھن تحريڪ کي ايترو بلندين تي کڻي ويئي، جو ھن تحريڪ کي ڪوريج ڏيڻ اردو ۽ انگريزي ميڊيا جي پڻ مجبوري بنجي ويئي. مظھرعباس، سھيل وڙائچ، حامد مير، نجم سيٺي ۽ عمران رياض جهڙا صحافيءَ بہ تحريڪ جي حق ۾ ڳالھائڻ لڳا.
حڪمران ڪئنالن متعلق ڪوڙن مٿان ڪوڙ ڳالھائيندا رھيا، متضاد بيان جاري ڪري، ماڻھن کي منجهائڻ جون ناڪام ڪوششون ڪندا رھيا
ڪڏھن پيا چون تہ ڪئنالن ٺاھڻ بابت ايوان صدر ۾ ڪابہ گڏجاڻي نہ ٿي آھي، ڪڏھن چون پيا تہ پاڪستان گرين انيشيٽيو منصوبو ئي اسان جو آھي، ڪي پيا چون تہ ھيءُ اشو ئي ڪونھي، ھن کي خواھہ مخواھہ اشو ٺاھيو ويو آھي، ڪڏھن ڀڙڪي پيا ھڻن تہ ڪئنال ٺاھيا ويا تہ اسان وفاقي سرڪار ڍاھي ڇڏيداسين، پر سنڌي ماڻھن سندن ھر وضاحت کي ڪچري ڪونڊيءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو.
عيد ڏھاڙي، ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين، ڪابہ اھڙي عيدگاھہ نہ ھئي، ڪابہ اھڙي مسجد نہ ھئي، جتي سنڌين اللہ تعاليٰ جو فرض ادا ڪرڻ کان پوءِ سنڌ وطن ۽ سنڌو درياھہ سان محبت جو وچن نڀائيندي، وطن ۽ وطن جي مٽيءَ سان پريت جو مثال قائم ڪندي، سنڌوءَ تي ڪئنال سمورا نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻندي ريليون ڪڍيون. ھنن کي پنھنجن ٻارڙن سان عيد ملڻ ۽ کين عيد واڌايون ڏيڻ بہ وسري ويو، بس ياد ھئي تہ سنڌ سان سندن اٿاھہ محبت، ياد ھئا تہ سنڌ سان غداري ڪندڙ ماڻھو، ياد ھئا تہ سنڌ سان ويساھہ گهاتيون ڪندڙ سنڌ جا ويري، جن تي ڦٽڪار جو وسڪارو ھيو.اتي سنڌياڻين ۽ سنڌي نياڻين بہ پاڻ ملھائيندي، پنھنجن ھٿن ۽ ٻانھن تي مھنديءَ جا چٽ ٺاھڻ بدران ” سنڌوءَ تي ڪئنال سمورا نامنظور“NO MORE CANALS ON INDUS جا نعرا لکيا، پنھنجن پيئرن سان گڏجي، سنڌوءَ ڪناري وڃي، سنڌوءَ جي مٽيءَ کي چمي، ان تي سجدا ڪيائون. سنڌ سان پريم، پريت ۽ پيار سان گڏ قومي شعور ۽ جاڳرتا جا اھڙا مثال قائم ڪري ڇڏيائون، جن کي مٽائڻ جي سگهہ ھاڻ ڪنھن بہ سنڌ دشمن يا غدار ۾ نہ رھي آھي.
ڪئنالن جي تعمير جي خلاف تحريڪ ھاڻي قومي تحريڪ بنجي چڪي آھي ۽ ھن جي حق ۾ ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ سرائيڪستان کان سوائي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جتي بہ سنڌي موجود آھن، اتان کان آواز بلند ٿي رھيا آھن.نامياري سياتدان افراسياب خٽڪ چيو آھي تہ پاڪستان دنيا جي واحد فيڊريشن آھي، جنھن ۾ ھڪ صوبو وڏو ڀاءُ اھي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي منظوريءَ کان سواءِ ڪئنالن تي ڪم غير آئيني آھي. سرائيڪي ايڪشن ڪاميٽيءَ ۽ چولستان بچايو تحريڪ جي اڳواڻ راشد عزيز ڀُٽا سنڌي ميڊيا جي خبرن جي تصديق ڪندي چيو تہ چولستان ڪئنال تي تيزيءَ سان ڪم پيو ھلي، سرائيڪي وسيب جون قومپرست جماعتون سنڌ جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪن ٿيون ۽ اسان سرائيڪستان کي سنڌ واڌي چئون ٿا.
سنڌي قوم جي زرداري گروپ کان گهر ھئي تہ ھڪڙي پاسي ٿين، يا ڪئنالن جي مخالفت ڪندي، وفاقي حڪومت کان ڌار ٿين يا منافقي ڇڏي سڌو سنئون ڪئنالن جي اڏاوت جي حمايت ڪن. سنڌي قوم کي واڌايون ھجن، ھاڻي زرداري گروپ کليو کلايو ڪئنالن جي اڏاوت واري پاسي ٿي بيٺو آھي، سندن لاڳيتو ڪوڙن بيانن ۽ سنڌي قوم سان ٺڳين خلاف بلوچستان جو اڳوڻو وڏو وزير سردار اختر مينگل سڀ کان وڏو شاھد ٿي بيٺو آھي ۽ زرداري گروپ جا وکا پڌرا ڪندي چيو آھي تہ ايوان صدر ۾ سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍن لاءِ ٿيندڙ گڏجاڻيءَ ۾ ھن کي بہ گهرائي حمايت ڪرڻ لاءِ چيو ويو ھو، ھن کي اھو بہ چيو ويو تہ بلوچستان کي آباد ڪرڻ لاءِ بہ ھڪ ڪئنال ڪڍي ڏيندا سين، پر ھن چئين تہ سنڌين سان سندن رت جا رشتا آھن، ھو ڪڏھن بہ ڪئنالن جي حمايت ڪري سنڌ سان ڌوڪو نہ ڪندو ۽ پوءِ ھو مخالفت ڪندي اجلاس مان اُٿي ويو. ھن چيو تہ ھيءُ جيڪي ڪئنال ڪڍن پيا، ان ۾ سڀ کان وڏو ڪردار پيپلزپارٽيءَ جو آھي، جنھن ھميشہ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي، پنھنجي اقتدار ۽ مراعتن خاطر سنڌ کي تباہ ڪيو آھي، جيڪڏھن سنڌ انھن کي رد ڪري ڇڏي تہ کين ڪو پڇڻ وارو بہ ڪونہ ھوندو. ھاڻي ھمت آھي تہ چئو، ھيءُ بہ ڪوڙو آھي !
ھاڻي وفاقي سرڪار ۽ سنڌ سرڪار جو ڳٺجوڙ پڌرو ٿي چڪو آھي، بلاول زرداري وزيراعظم جو موقف دھرائيندي چئي پيو تہ سنڌو درياھہ مانڇھہ وڌيڪ ڪئنال ڪڍي جن علائقن ۾ زراعت نہ پئي ٿئي، اتي بہ زراعت ڪئي وڃي. وري بلاول زرداريءَ جو بچاءُ ڪندي، وزير اعظم جو صلاحڪار رانا ثناءُ اللہ چوي ٿو، ڪئنالن واري معاملي تي پيپلز پارٽيءَ لاءِ مشڪل صورتحال پيدا ٿي ويئي آھي، تنھن ڪري، پيپلز پارٽيءَ درست فيصلو ڪيو آھي تہ جيئن سندس سياسي پوزيشن بچائي سگهجي. پر ڪئنالن بابت ھڪ طرفو فيصلو ڪٿي ٿيو آھي؟ ھتي ھو پنھنجي سنگتيءَ جو بچاءُ ڪندي ڪندي اھو اعتراف بہ ڪري ويو تہ بلاول زرداري پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڊرامو ڪري رھيو آھي، وري اھو بہ چئي ويو تہ ڪئنالن بابت ھڪ طرفو فيصلو ڪٿي ٿيو آھي؟ معنيٰ تہ ھنن گڏجي فيصلو ڪيو آھي !
اڳوڻو وزيراعظم ۽ زرداري گروپ جو سينٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چوي ٿو پيپلزپارٽيءَ کي ڪئنالن ٺاھڻ تي اعتراض نہ آھي، فقط ”ڪجهہ“ تحفظات آھن جن کي پاڻ ۾ ويھي ڳالھين ذريعي انڊراسٽينڊنگ سان حل ڪري وٺندا سين.
جيڪا ڳالھہ مراد علي شاھہ ورجائيندو رھيو آھي، ساڳي ڳالھہ احسن اقبال ڪندي چوي ٿو تہ پاڪستان ۾ آئين موجود آھي ۽ آئين جي نگراني ڪندڙ ادارا بہ موجود آھن. ڇا ھي انھن ادارن جي ڳالھہ ڪري رھيا آھن، جن ضرورت جي نظرئي تحت آئين کي يارھن سالن تائين کڏ ۾ اڇلي، ضياءَ جي مارشل لاءَ کي جائز قرار ڏنو ھو؟
ڪافي عرصي کان پنجاب جي اڳواڻن پاران سنڌي قوم کي ورجائي ورجائي چڙ ڏياريندڙ ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. جيڪا ڳالھہ ڪجهہ عرصو اڳ خواجہ آصف چئي ھئي، ساڳي ڳالھہ مريم نواز ورجائيندي چيو آھي تہ ” جيڪڏھن ڪير پنجاب جو رستو روڪي ٿو تہ روڪي ڏيکاري، ھن ايئن بہ چيو تہ پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آھي، پر اھو اڄ تائين پاڻيءَ کان محروم ھيو، ھاڻي پنجاب کي پاڻيءَ جي کوٽ نہ ٿيندي. جڏھن چور ئي اسان جا چوڪيدار ٿين تہ پوءِ ڌارين جو حوصلو وڌي ويندو آھي، پر ھيءُ ماڻھو سنڌين جي مزاج، فطرت ۽ تاريخ کان اڻ واقف آھن. انھن کي ياد رکڻ گهرجي تہ جڏھن چنيسر غداري ڪري، ڌارئي لشڪر ذريعي سنڌ تي ڪاھہ ڪئي تہ چنيسر جي ڀاءُ دودي سومري سان گڏ چنيسر جو پٽ بہ پنھنجي پيءُ پاران آندل ڌارئي لشڪر سان وڙھندي شھيد ٿي ويو. ڇوتہ سنڌين وٽ ڌرتيءَ جي وجود ۽ رشتي کان وڌيڪ ڪو رشتو نہ آھي، جڏھن غداريءَ تي ڀاءُ پنھنجي ڀاءُ ۽ پٽ پنھنجي پيءُ کي معاف نٿو ڪري سگهي تہ پوءِ ھاڻوڪا ھٿ ٺوڪيا حڪمران ڪھڙي باغ جي موري آھن. ٻيون تہ زرداري گروپ وارا دعوائون ڪندا رھندا آھن تہ پنجاب پنھنجو پاڻي استعال ڪندو، مريم نواز لٻاڙ ھڻندي سندن پول پڌرا ڪري ڇڏيا آھن تہ پنجاب وٽ اڳ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ھئي، جيڪا ھاڻي نہ رھندي، ھاڻي اھي ڪوڙا ٺڳ ٻڌائين تہ پنجاب اھا کوٽ ڪٿا پوري ڪندو؟
عوام جي طاقت جي آڏو گوڏا کوڙيندي مراد علي شاھ اعتراف ڪيو آھي تہ ماڻھو سمجهڻ لڳا آھن تہ ھنن ڪئنالن جي اڏاوت ۾ اسان جو ھٿ آھي، اسان ان جي وضاحت نہ ڪري سگهيا سين ۽ عوام ۽ صحافين کي مطمئن نہ ڪري سگهيا سين. اھوئي مراد علي شاھ چوندو رھيو آھي تہ ايوان صدر ۾ اھڙي ڪابہ گڏجاڻي نہ ٿي آھي، جيڪڏھن ٿي آھي تہ ثبوت سامھو آڻيو، وري جڏھن ايوان صدر ۾ ڪئنالن بابت ٿيندڙ گڏجاڻيءَ جي تصديق اختر مينگل ڪري ڇڏي ۽ ميڊيا ذريعي منٽس بہ عوام جي سامھون اچي ويا، تڏھن پاڻ بہ گڏجاڻيءَ جي تصديق ڪندي چيائين تہ صدر کي ٻڌايو ويو تہ پاڻي تمام گهڻو آھي، تنھن ڪري واڌو زمين آباد ڪرڻ چاھيون ٿا. صدر کي ڪھڙي خبر تہ پاڻي ڪيترو آھي،صدر چئين تہ صوبن کي اعتراض نہ ھجي تہ ڀلي ڪريو. ھن اھو بہ چيو تہ منٽس غلط ٺاھيا ويا آھن ۽ گڏجاڻيءَ جي بھاني سان منظوريءَ جو تاثر ڏنو ويو آھي. ارسا بہ پاڻيءَ جو غلط سرٽيفيڪيٽ ڏنو آھي. ھن اھو پڻ اعتراف ڪيو تہ سنڌ ۾ 54 ايڪڙ زمين گرين انيشيٽيو کي ڏني ويئي آھي ۽ قرض بہ ڏنو ويو آھي.ھن اھو بہ چيو تہ اسان فيصل آباد کي ساڍا ٽي ھزار ميگاواٽ بجلي ڏيئي رھيا آھيون، ڇوتہ رڳو سنڌ نہ پر سڄو پاڪستان اسان جو آھي.
جڏھن سائين سڳورو ايترا اعتراف ڪري چڪو آھي تہ اھو بہ ٻڌائي تہ جڏھن صدر کي پاڻيءَ بابت ڪا ڄاڻ نہ آھي تہ پوءِ ايڏي وڏي ڪرسيءَ تي ويھي، سنڌ جي بنيادي قدرتي وسيلن سان ھٿ چراند ڪرڻ جو کيس ڪھڙو حق ٿو پھچي؟ جيڪڏھن گڏجاڻيءَ جا منٽس غلط ٺاھيا ويا ھئا تہ 9 مھينن کان بہ وڌيڪ عرصو تون ڀنگ پيءُ ستل ھئين؟ ارسا پاڻي بابت غلط سرٽيفيڪيٽ ڏنو تہ ان تي احتجاج ڪرڻ ڪنھن جي ذميواري ھئي؟ اوھان ڪئنالن ٺاھڻ واري سازش ۾ شامل نہ آھيو تہگرين انيشيٽيو کي سنڌ جي 54 ھزار ايڪڙ زمين ۽ قوم جي امانت مان قرض ڪھڙيءَ خوشيءَ ۾ ڏنا؟ سنڌي سٻاجهڙا اونڌاھين ۾ گذاري رھيا آھن ۽ توھان وتو ٿا بجلي ورھائيندي، گئس ھوندي سوندي بہ جڏھن سنڌي عورتن کي گئس جي لپ نہ ملي ۽ اھي ڪاٺين ۽ ڇيڻن تي تئوڻ ڪرڻ لاءِ مجبور ھجن، اتي تون ”پرائي مال تي ٽوپي ڏِنگ تي“ رکي، سونھين ٿو؟
حقيقت اھا آھي تہ سنڌي قوم جي جاڳرتا ۽ شعور اوھان کي انگ اگهاڙو ڪري، غدارن جي روپ ۾ دنيا آڏو آڻي بيھاريو آھي، تاريخ ۾ غداريءَ جي طوق کان اوھان کي ڪير بہ نٿو بچائي سگهي. سنڌي قوم جي ھن جاڳرتا ۽ شعور کي روڪي سگهو ٿا تہ روڪي ڏيکاريو.

پهنجو تبصرو موڪليو