حضرت سچل سرمست جو عرس شروع،زائرين جي آمد

حضرت سچل سرمست جو عرس شروع،زائرين جي آمد

راڻيپور (ن سنڌ يار) ھفت زبان شاعر حضرت سچل سرمست جي 201هين عرس مبارڪ جون غير سرڪاري تقريبون درازا شريف ۾ شروع ٿي ويون آهن، درگاھ جي سجاده نشين جي ڀاءُ خواجه نظرالحق فاروقي صوفي سنگ سان مزار تي حاضري ڀري، مزار کي عرق گلاب سان غسل ڏئي غير سرڪاري تقريبن جو افتتاح ڪيو ويو جڏهن ته عرس جون سرڪاري تقريبون سڀاڻي کان شروع ٿينديون، وڏو وزير مراد علي شاهه مزار تي گلن جي چادر چاڙهي تقريبن جو افتتاح ڪندو، عرس جي موقعي جي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ھزارين عقيدت مند درازاشريف پھچي ويا آهن، عرس جي موقعي تي پوليس ۽ رينجرز پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو