ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي ) ملير جي علائقي گهگهر جو گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جي بلڊنگ زبون حالت جو شڪار ڪنهن به وقت ڪو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو. ڇتن جا چاپڙ ڪرڻ لڳا ٻارن ۾ خوف ڇايل ٻارن جي والدين جو ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان انڪار، استادن جي کوٽ، پاڻي ۽ بجلي سميت سمورن بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي هيڊ ماستر جون ملير جي صحافين سان ڳالهايون تفصيل موجب ملير گھگھر جي حاجي جنگي خان ڳوٺ جي گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول جنهن جي ايراضي اٽڪل ٻه ايڪڙ تي مشتمل آهي، اسڪول ۾ 14 ڪمرا سائنس ليبارٽري آهي اسڪول ۾ ٻارن جي تعداد 300 آهي جنهن ۾ 60 شاگردياڻيون ۽ ٻيا شاگرد آهن افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد صرف 6 مقرر ڪيا ويا آهن، اسڪول جي انچارج هيڊ ماستر سائين الڏتو شيخ ملير جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هي گهگهر جو واحد سيڪنڊري اسڪول آهي جيڪو گهگهر جي ٽن ديهن کي هلائي ٿو، ديھ گهگهر، ديھ جوريجي ۽ ديھ ڏانڍو، 1992 ۾ اسڪول جي بنياد رکي وئي تڏهن کان اڄ تائين گورنمينٽ پاران اسڪول جي مرمت جو ڪو به ڪم نه ڪرايو ويو آهي اڄ اسڪول جي عمارت زبون حالت ۾ آهي، ٻارن ۾ خوف پکڙجي ويو آهي، ڪنهن به وقت ڪو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، ٻارن جي والدين ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻي جي کوٽ ڪري ٻار توڙي اسڪول عملو پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهيون، اسڪول ۾ بجليءَ جو وڏو مسئلو آهي هن گرمي جي موسم ۾ پکا نه هلڻ ڪري ٻارن کي پڙهڻ ۾ انتهائي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، اسان وٽ استادن جي کوٽ پڻ آهي جنهن ۾ هيڊ ماستر جي سيٽ چئين سالن کان خالي پيل آهي، اسڪول ۾ سائنس ليبارٽري به جنهن کي هلائڻ لاءِ ڪو به استاد موجود ناهي اسان وزيراعظم عمران خان، سنڌ جي وڏي وزير، وزير تعليم کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جي مسئلن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي ۽ اسڪول جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي جئين ٻارن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي۔










