سيٺارجا (الطا ف حسين ڀٽو)ڳوٺ ننگر خان لنڊ مٿان چئين ٿاڻن جي پوليس 3 ڄڻن کي گرفتار ڪري مال به کڻي وئي. ڪاروائي دوران عورتن ۽ ٻارن مٿان سخت تشدد ڪيو ويو ان موقعي تي رهواسين مردن ، عورتن ۽ ٻارن احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته ٺري ميرواهه ،بوزداروڏا، سيٺارجا ۽ پيروسڻ ٿاڻن جي پوليس جي وڏي انگ اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻائي گهرن مان تقريبن ڏيڍ لک روپين نقد، سونا زيور ، ٻه موٽر سائيڪلون ، 20 ٻڪريون ، 6 مينهيون ۽ انهن جا چار ڦر سميت 7 مڻ کان وڌيڪ ڦٽيون پاڻ سان گڏ کڻي اسان جي ٽن ڳوٺاڻن غلام فريد ، غلام سرور عرف گودو ۽ غلام عباس عرف جاجو کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي جن کي گم ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته انهن اهو پڻ الزام مڙهيو ته سندن هڪ عورت مسمات امينت بيگم جيڪا 6 مهينن جي حمل سان آهي ان کي پڻ پوليس اهلڪارن تشدد جو نشانو بڻايو جنهن جي حالت خراب ٿي وئي آهي ۽ سندس ٻار ضايع ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي هنن چيو ته اسان مٿان ڪوبه ڪيس نه آهي نه وري ڪنهن ڏوهه ۾ ملوث آهيون ۽ پوليس بيگناهه اسان جي گهرن تي چڙهائي ڪري ڦر لٽ ۽ تشدد ڪيو آهي جنهن لاءِ آءِ جي سنڌ سميت اعلى اختيارين کي اپيل آهي ته پوليس جي اهڙي ظلم ۽ ناانصافي جو نوٽيس وٺي گرفتار ڪيل همراهه آزاد ڪري ڦر ڪيل سامان واپس ڏياريو وڃي ۽ پوليس خلاف ڪاروائي ڪري انصاف ڏياريو وڃي.










