نوشھرو فيروز ( ن سنڌيار) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ دين محمد کرھر جو رھواسي ڳوٺاڻو محمد يوسف کرھر با اثر ٽيوب ويل آپريٽر امان الله نائچ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب پھچي سخت احتجاج ڪندي چيو ته با اثر امان الله نائچ پنھنجا مڇي جا تلاءٔ بچائڻ لا۽ سم نالن جي ٽيوب ويل نه ھلائي جنھن جي ڪري اسان جا ڪيترائي ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا آھن اسان بي گھرن ۾ 5 کان 7 فوٽ پاڻي بيٺل آھي اھڙو آواز ميڊيا تي ھلڻ کان پو۽ با اثر امان الله نائچ ڳوٺ جي نيڪ مرد بھادر خان نائچ جي نالي تي اسان کي ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي جنھن جا ثبوت مون وٽ موجود آھن ھن ٻڌايو ته با اثر ٽيوب ويل آپريٽر مون کي فون ذريعي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي مون کي يا منھنجي گھر وارن کي ڪجھ ٿيو ته ان جو ذميوار امان الله نائچ ھوندو ھن اعلي اختيارين ايس ايس پي نوشھروفيروز ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته با اثر ٽيوب ويل ملازم امان الله نائچ خلاف ڪارروائي ڪري مون کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










