اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) حڪومت ۽ پنجاب جي هارين ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد هڪ هفتي کان لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو آهي. گهرو کاتي جي وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ساڻن ڪامياب ڳالهيون ڪيون. ڪسان اتحاد جي صدر خالد ٻاٺ گهرو وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ٽيوب ويل جي بجلي بلن جي ادائگي ۾ دير ۽ قسطون ڪرڻ ۽ فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز ختم ڪرڻ جا 2 مطالبا فور منظور ڪيا ويا آهن. وزيراعظم وفاقي وزير جي ٽيم جوڙي آهي جيڪا اسانجي ٽيم سان ڳالهيون ڪري ٻيا مطالبا مڃيندي. جنهن بعد وزيراعظم شهباز شريف هڪ هفتي اندر ڪسان پيڪيج جو اعلان ڪندو. جعلي زرعي دوائن، ٻجن ۽ ڀاڻ جي وڪري خلاف ڪاروائي ڪرڻ، تصديق ٿيل ٻجن جي فراهمي، ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ ڪمند جو هڪجيترو اگهه مقرر ڪرڻ به اسانجي مطالبن ۾ شامل آهي. ياد رهي ته سنڌ ايندڙ ڪڻڪ جو امدادي اگهه 4 هزار روپيا في مڻ ۽ پنجاب 3 هزار روپيا في مڻ قيمت مقرر ڪئي هئي. ڪسان اتحاد پاران زيرو پوائنٽ کان فيصل مسجد ويندڙ روڊ سينٽارس ٽاور لڳ هڪ هفتي کان بند ڪري ڇڏيو هو جيڪو هاڻي کلي ويو آهي.










