مهر فقير
اچو ته اڄ اوهان کي پنهنجي ڳوٺ جو هلڪو ڦلڪو تعارف ڪرايان جتي منهنجو جنم ٿيو ها ته هي آهي منهنجو ڳوٺ کاهي هي ڳوٺ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به هيو چون ٿا ته جڏهن انگريزن شڪارپور کان ڳڙهي ياسين ڏانهن حملي خاطر رخ ڪيو ته ان وقت ڳڙهي ياسين جي بابڙن ۽ درانين شهر ۽ آس پاس جي عوام سان ملي ڪري انگريزن جي رستا روڪ خاطر هتي کاهي کوٽرائي جنهن ڪري بعد ۾ هتي آباد ٿيندڙن هن ڳوٺ جو نالو کاهي رکيو پر ڪي جهونڙا چون ٿا ته هتي سندن جا وڏڙا انگريزن کان اڳ به آباد هيا سو انهن ڳالهين منجھ ڪيتري صداقت آهي سا ته رب کي خبر ها باقي هن ڳوٺ ۾ انهيء وقت کان وٺي اڄ تائين سڀ جا سڀ مهر ذات وارا ماڻهو رهن ٿا هي ڳوٺ ڳڙهي ياسين کان سڏ پنڌ تي شڪارپور ويندڙ انڊس هاء وي روڊ جي اتر ۾ ۽ مصري واهڻ جي بلڪل ئي آمهون سامهون آهي .
هن ڳوٺ جي اڳيان يعني مهڙ ۾ ۽ روڊ جي ڀرسان ئي هڪ تمام قديم قبر آهي جيڪا اسان پنهنجي سانڀر کان وٺي ڏسندا پيا اچون پر اها خبر ناهي ته اها قبر ڪنهنجي آهي جڏهن ته وڏڙن جي زباني ٻڌندا ايندا آهيون ته اها قبر رمضان فقير نالي راه مسافر جي آهي جيڪا ڳوٺاڻن پڪين سرن سان ٺهرائي آهي ۽ مٿس پڙ به وڌا ويندا آهن ته اسلامي سال جي خاص ڏينهن تي ڏيئا پڻ ٻاريا ويندا آهن مگر هيل تائين اتي ڪنهن به ڪا باس باسي ڪو پٽ ناهي گهريو ڇو ته ڳوٺ وارن جو پڪو ايمان آهي ته پٽ يا ڌيء ڏيڻ واري ذات رب جي آهي وري به جس آهي ڳوٺ وارن کي جيڪي ان راه مسافر جي قبر جي اڄ به سنڀال ڪيو اچن ٿا هتي ڳوٺ جي سامهون روڊ جي ٻي پار ڪوڙا خان مهر ميڊيڪل سينٽر به تعمير ٿي رهيو آهي جتي سائين ڪوڙا خان جا پٽ ڊاڪٽر اشفاق احمد مهر ۽ ڊاڪٽر ماجد علي مهر هاڻي به مريضن جي علاج خاطر موجود هوندا آهن هن ڳوٺ ۾ پهريان اسڪول نه هيو انهيء ڪري ڳوٺ جا ٻار سامهون واري مصري واهڻ ڳوٺ يا وري ڳڙهي ياسين ۾ پڙهڻ ويندا هياسون پر 17.11.1990 کان سائين حاجي الهداد مهر جي مهربانين سان سندس جي ئي زمين تي سرڪاري خرچ سان پرائمري اسڪول ٺهيو جتي هاڻي ڳوٺ جا ٻار تعليم حاصل ڪندا آهن جڏهن ته ماسترياڻين خاص ڪري هيڊ مسٽريس ريحانه پروين مهر جي اڻٿڪ محنت ۽ ٻارڙن جي وڌندڙ انگ کي مدنظر رکندي حڪومت ۽ وزارت تعليم هن اسڪول کي پرائمري کان اپگريڊ ڪري اٺين درجي تائين وڌايو آهي جيڪا نهايت ئي خوشيء جهڙي ڳالھ آهي ۽ ان سان ويتر ئي تعليم جو معيار بلند ٿيندو .
ياد ٿو اچي ته جڏهن اسان ننڍا هوندا هئاسون تڏهن هتي ڪنڀرن جي آوي هوندي هئي جتي چڪ تي ڪنڀر چيڪي مٽيء منجهان هر قسم جي ٺڪر جا ٿانون جهڙوڪ پاٽيون , ڏيئا , چاڏيون , ڪُنيون , پاٽوڙا , مٽ ۽ دلا وغيره ٺاهي شهر ۾ وڪرو ڪندا هيا پر پوء وقت جي بدلاء ڪري اهي ڪنڀر هي ڳوٺ ڇڏي ويا ۽ ان جاء تي هاڻي گهر تعمير ٿي ويا آهن .
هڪ ڏينهن ڪچهري ڪندي جاسم مهر ماضيء جي ورقن کي ورائيندي چيو ته جڏهن تون نه ڄايو هئين تڏهن تنهنجي پيءُ ۽ چاچن جو هتي تيل جو گهاڻو به هيو ته وري ڳڙ منجهان کنڊ به ٺاهي ويندي هئي جيڪي هو هتان ڏاند گاڏين تي شڪارپور وڃي واپاريندا هئا . ۽ ايئن جڏهن پاڻي جي ڳالھ نڪتي ته چيائين ته هتي هن ڳوٺ ۾ نلڪن جي وجود کان اڳ هڪ کوه هوندو هيو جتان ڳوٺ جون عورتون ۽ مرد پاڻي ڀري ڪتب آڻيندا هيا ها بلڪل اهو کوه اسان ڏٺوسي جيڪو هاڻي ختم ٿي ڪري پورجي ويو آهي .
هتي جيڪڏهن ڀجلي بابت لکبو ته اسان جڏهن پنجين درجي ( پرائمري 01.12.1971 کان 31.03.1977 گورنمينٽ پرائمري اسڪول مصري واهڻ ) ۾ پڙهندا هياسون ته ان وقت ماما سڪندر علي جي ڪاوشن سان هي ڳوٺ بجلي جي روشني سان روشن ٿيو هيو ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ پهريون ڀيرو اسان ٽي وي به ڏٺي جيڪا ماما آندي هئي جتي شام جو پٽ تي ويهي ٽي وي جي مختلف پروگرامن منجهان لطف اندوز ٿيندا هياسون .
هتي ڪجھ عرصي کان سائين امام بخش مهر جي پٽن جو شفقت پيٽروليم ۽ هوٽل به آهي ۽ جتي وقت تمام تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي اتي ئي روڊ ڪناري تي ڳوٺ جي بلڪل سامهون ئي ماشاء اللّه ريسٽورينٽ ۽ بار بي ڪيو به کليو آهي جيڪو شهيد عرفان علي مهر جو آهي جتي شهر جا ماڻهو به شهر جي سوڙهين ۽ تنگ گهٽين کان نڪري ڪري کليل فضا ۾ سک جو ساه کڻڻ ۽ چانهن جون چسڪيون ڀرڻ اچن ٿا ڇو ته شهر جي هوٽلن جي ڀيٽ ۾ ٻاهر وارا هوٽل وڌيڪ پر سڪون هوندا آهن .
ڪافي سالن کان هتي بخت علي مهر جو پولٽري فارم آهي ۽ هتان مرغي سڄي شهر کي سپلاء ڪئي ويندي آهي انهيء کان علاوه سندس جو برف خانو به آهي جنهن ڪري گرمي جي موسم ۾ برف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ هن ڪارخاني جو وڏو هٿ آهي ڇو ته اڳ برف شڪارپور کان آندي ويندي هئي يا جيڪي شهر ۾ ڪارخانا هئا اهي شهر جي ضرورت کي پورو نه ڪري سگهندا هيا . ڳوٺ جي پوئين حصي ۾ هڪ وڏي کڏ هئي جتي سڄو سال مڇي ٿيندي هئي پر پوء اها کڏ آهستي آهستي ختم ٿي وئي جتي هاڻي مرحوم غلام نبي مهر جو خاندان آباد آهي .
هن يعني کاهي ڳوٺ ۾ سڀئي مهر رهن ٿا پر انهن جا پاڙا الڳ الڳ آهن ۽ انهيء پاڙاشاهي تحت نفرتن جو نانگ سال جا 365 ڏينهن ڪر کنيو هلي ٿو جنهن سبب زمينن يا وري ڳوٺ جي گهٽيء تي جهيڙا ٿيندا رهن ٿا هن ڳوٺ ۾ جڏهن هر گهر کي لوڙهو هوندو هيو ته ان دور ۾ گهٽيء منجهان بيل گاڏيء تي پلال جي ٻنڊ به باآساني گذري ويندي هئي پر جڏهن لوڙهن جي بدلي سيمينٽ جي ديوارين قبضو ڄمايو ته اهي ويڪريون گهٽيون ايتريون ته سوڙهيون ٿي ويون جو هاڻي خالي گڏه گاڏو به لنگهي نٿو سگهي مٿان وري جڏهن کان گهٽي پڪي ٿي آهي ۽ پڪين نالين جو وجود قائم ٿيو آهي ته موٽر بائيڪ به هلائڻ هڪ عذاب جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي ڇو ته گهٽي جيڪا اڳ ئي سوڙهي هئي اتي وري بريڪرن جهڙا دڙا ٺاهي هڪ ٻئي کي تڪليف رسائڻ جا جديد طريقا متعارف ڪرايا ويا آهن جيڪو عمل نهايت ئي ڏکوئيندڙ عمل آهي .
نوڪرين جي حوالي سان هر گهر منجهان مردن سميت ڪافي ڇوڪريون به سرڪاري ۽ غيرسرڪاري نوڪرين سان واڳيل آهن پر پوء به ڪو ايڪو اتحاد ناهي پر پوء به ڪو ڳوٺ جي ڀلائي خاطر نٿو سوچي ۽ نه ئي ڪو قدم ٿو وڌائي بس هر ڪنهن جا گوڏا سندس جي پيٽ ڏي ٿا ورن جڏهن ته هجڻ اهو گهربو هيو جو کاهي ويلفيئر ايسوسي ايشن جوڙي هن ڳوٺ کي جديد کان جديد سهوليتن سان گڏ مثالي ڳوٺ بڻايو وڃي ها پر افسوس جو سڏ پنڌ تي ڳڙهي ياسين شهر هئڻ جي باوجود به هي ڳوٺ گئس جهڙي سهوليت کان محروم آهي ۽ اڄ به ڪاٺين جو استعمال ٿي رهيو آهي يا وري گئس سئلينڊر ڪتب آندو پيو وڃي باخبر ذريعن سڌ ڏيندي چيو ته هتي گئس منظور ٿي هئي پر ڳوٺ وارن انڪار ڪندي چيو ته کين گئس جي ڪا به ضرورت ڪونهي ڪا افسوس آهي اهڙي ڳوٺ جي اهڙن اهل علم ماڻهن تي جيڪي اڄ به اونداهي جا عاشق بڻجي ڪري جي رهيا آهن يا لڳي ٿو هو اونداهي پسند هئڻ ڪري روشني جا مخالف آهن .
ڳوٺ جي ماڻهن ۾ ڀل جي مختلف ۽ بي بنياد مسئلن تحت نفرتون ۽ جهيڙا جهڳڙا آهن ان هوندي به سڀني ڳوٺ وارن جي هڪ ئي مسجد آهي جتي هو گڏجي نماز پڙهندا آهن ته وري گڏجي ڪري رمضان شريف ۾ تراويحون ادا ڪرڻ سان گڏ ميلاد به ملهائيندا آهن نت اڪثر ڪري ايئن ٿيندو آهي ته جتي جنهن ڳوٺ ۾ محبتون شهيد ٿيل هونديون آهن ته اتي ويڙها ته ويران هوندا ئي هوندا آهن پر پاڙن جي حساب تحت سندن مسجدون به جدا جدا هونديون آهن .
آخر ۾ ايترو چوندس ته جيڪڏهن هن ڳوٺ وارا کاهي ويلفيئر ايسوسي ايشن جوڙي ڳوٺ جي بهبودي خاطر ڪم ڪن ته هوند هي ڳوٺ هر سهوليت سان مالامال ٿي پوي ۽ هن جديد دور ۾ هي ڳوٺ هڪ شاندار ۽ مثالي ڳوٺ سڏجڻ لڳي دعا آهي ته شال هن ڳوٺ ۾ وري محبتن جا ميلا قائم ٿين ۽ پراڻيون بي بنياد نفرتون ختم ٿي وڃن ته جيئن ايندڙ نسل امن پيار ڀائيچاري واري آزاد زندگي گذاري سگهي .










