واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن ايران خلاف رٿيل فوجي حملا رد ڪري ڇڏيا آهن، بشرطيڪه ايران سان جلد کان جلد هڪ معاهدو ٿي وڃي.
سوشل ميڊيا پليٽفارم “ٽروٿ سوشل” تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته ايران ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن کيس درخواست ڪئي آهي ته هو ڪنهن به حملي کان “عارضي طور هٿ روڪي”، ڇاڪاڻ ته معاهدي جا بنيادي خاڪا طئي ٿي چڪا آهن.
ٽرمپ جو هي بيان انهن خبرن کان پوءِ سامهون آيو، جن موجب آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف نون ۽ انتهائي سخت حملن جي تياري ڪري رهيا هئا.
اهو پهريون ڀيرو ناهي جو ٽرمپ انتهائي سخت ۽ تباهيءَ وارا چتاءَ جاري ڪيا هجن، ۽ پوءِ بعد ۾ اهو چيو هجي ته سفارتڪاري کي هڪ موقعو ڏنو پيو وڃي. بهرحال، ايران نه ته نين ڳالهين جي درخواست ڪرڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ نه ئي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سان شروع ٿيل جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن معاهدي جي ابتدائي خاڪي تي اتفاق ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
آچر ڏينهن ايران جي قائم مقام بچاءَ واري وزير مجيد ابن الرضا چيو ته تهران پنهنجي مخالفن طرفان هر ڌمڪي کي “حقيقي ۽ قابلِ اعتبار” سمجهي ٿو، ڀلي اها نفسياتي جنگ جو حصو ئي ڇو نه هجي.
هن وڌيڪ چيو، “اسان نه ته بيخبريءَ ۾ پڪڙجنداسين ۽ نه ئي هٿ تي هٿ رکي ويهنداسين.”
اهڙا سخت بيان ان وقت سامهون آيا جڏهن آمريڪي ميڊيا ۾ رپورٽون شايع ٿيون ته آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي توانائيءَ واري ڍانچي کي نشانو بڻائيندي اڃا تائين جي سڀ کان سخت بمباري مهم جي تياري ڪري رهيا آهن.
سي بي سي جي ذريعن موجب، اها رٿ جمعي ڏينهن ٽرمپ جي ڪابينا جي اجلاس دوران سامهون آئي. آمريڪي حڪومت وچ اوڀر ۾ رهندڙ پنهنجي شهرين کي پڻ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن علائقي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وڃي ته هو هر وقت نڪرڻ لاءِ تيار رهن.
ڇنڇر تي پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪا “اسلامي جمهوريه ايران خلاف اهڙي فوجي طاقت، دهشت ۽ قوت سان مڪمل طور تي تيار بيٺو آهي، جيڪا ٻي عالمي جنگ کان پوءِ ڪڏهن به نه ڏٺي وئي آهي.”
ٻئي پاسي سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان علائقائي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي مقصد سان ٽرمپ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو، جنهن جي تصديق سعودي عرب جي سرڪاري خبرون ڏيندڙ اداري SPA ڪئي.
بيان موجب، “سندس شاهي عظمت ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڳالهين کي اوليت ڏني وڃي ۽ جنگبندي حاصل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي، جيئن سفارتي حلن جي راهه هموار ٿي سگهي.”
آمريڪا جا خليجي اتحادي به ڳڻتيءَ ۾ آهن، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ ايران جا ميزائل آمريڪي سرزمين تائين پهچڻ جي صلاحيت نٿا رکن، پر بحرين، اردن ۽ گڏيل عرب امارات جهڙا ملڪ انهن جي حدف ۾ اچي سگهن ٿا، جتي پاڻي صاف ڪرڻ وارا پلانٽ ۽ ٻيو اهم انفراسٽرڪچر حساس هدف سمجهيا وڃن ٿا.
ٽرمپ کي رڳو عالمي دٻاءُ ئي نه، پر اندروني سياسي دٻاءُ جو به منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. Pew Research Center جي سروي موجب، لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آمريڪي ايران سان جنگ جي مخالفت ڪن ٿا، جنهن سبب ٽرمپ جي مقبوليت ۾ به گهٽتائي اچي رهي آهي.










