لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته اڄ مسلم ليگ (ن) ٻيهر سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، چونڊن کان ڊنل آهي.صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر آئين ۽ قانون کان ٻاهر ڪا ڳالهه نه ٿيندي. پاڪستاني فوج منهنجي فوج آهي ۽ پاڪستان اسان سڀني جو آهي، عدليه ۽ آئين جي آزادي تي ڪو سمجهوتو ناهي، آزاد چونڊون ئي سمورن مسئلن جو حل آهن. عمران خان چيو ته تحريڪ انصاف جمهوريت لاءِ آخري حد تائين ويندي، وڪيلن جي تحريڪ ۾ پوري قوم ساڻن گڏ هوندي، مضبوط پاڪستان لاءِ مضبوط فوج تمام ضروري آهي. قومي ادارن ۽ انهن جي مضبوطي اسان جي اولين ترجيح آهي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين جو چوڻ آهي ته اسان جي هزارين ساٿين کي گهرن مان کنڀيو ويو آهي، ڪنهن کي خبر ناهي ته پي ٽي آءِ جا هزارين ڪارڪن ڪٿي آهن.










