گھوٽڪي ٽرين حادثي ۾ فوتين جو انگ 63 ٿي ويو

گھوٽڪي (ن سنڌيار) گھوٽڪي ويجھو ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 63 ٿي ويو، وڌيڪ 7 لاش ڪڍيا ويا، ريسڪيو عملدارن موجب 100 زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، لوڌران جا 2 سڳا ڀائر، والدا ۽ ماسات بھ فوتين ۾ شامل آھن، جن جي جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي، حادثي ۾ فوت ٿيل ٻن معصوم مون ۽ ھادي جي بھ سڃاڻپ ٿي وئي آھي، جڏھن تھ ڊي سي سکر طارق لطيف جو چوڻ آھي تھ ٽرين حادثي جي جاءِ تي رليف آپريشن مڪمل ڪيو ويو آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو