گڏاڻي ڪيس ۾ لُنڊ پُٽن سميت پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو

گڏاڻي ڪيس ۾ لُنڊ پُٽن سميت پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرايو

ميرپورماٿيلو:(ن س) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران عدالت ۾ پيپلزپارٽي جو ايم اين اي خالد لنڊ، شهباز لنڊ، نور محمد لنڊ پيش ٿيا. جاچ آفيسر سراج لاشاري به عدالت پهتو،پوليس پاران گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي به پيش ڪيو ويو اي ٽي سي عدالت پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي ڪچي ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪئي وئي آهي.ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر سراج لاشاري ڪيس کي چالان ڪرڻ لاء ھڪ هفتي جي عدالت کان مهلت گھري ورتي جنهن تي عدالت مھلت ڏيندي کيس 7 آگسٽ تي ٻيهر پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي کان پوءِ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي پيپلزپارٽي جي ايم اين اي خالد لنڊ چيو ته جاچ آفيسر اسان جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن،اسان پاڻ کي جاچ ۾ شامل ڪيو آهي اسان بي قصور آهيون ڪوڙو ڪيس داخل ڪري اسان خلاف سياست ڪئي پئي وڃي،ٻئي پاسي جاچ آفيسر سراج لاشاري صحافين سان ڳالھيندي چيو ته ڪيس جي جاچ مڪمل آھي ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ فائنل ڪري جيڪو ڪجھ هوندو بڌائينداسين، ٻڌڻي دوران خالد لنڊ ۽ سندس پٽ جاچ ۾ شامل ٿيا ۽ انهن ثبوت پڻ پيش ڪيا، عدالت ۾ پيشي دوران شهباز لنڊ، نور محمد لند چيو ته اسان ملڪ کان ٻاهر هئاسين. جڏهن ته پ پ ايم اين اي خالد لند چيو ته مان اجلاس جي سيشن م هيس.شهيد صحافي نصرﷲ گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور چيو تہ جوابدار ڌرسوين گاڏين ۾ هزارين ماڻهو وٺي ڪورٽ پهچن ٿا جيڪو فريادي ڌر کي سراسر حراسان ڪرڻ جي برابر آھي اسان ڪورٽ کي درخواست ڪئي آھي ته اهي ماڻهو وٺي نه اچن شاهد ۽ فريادين کي تحفط فراهم ڪن هن وڌيڪ چيو ته ڪيس جي جاچ هلندڙ آھي اميد آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو