گڏاڻي ڪيس ٻڌڻي، خالد لنڊ پٽ سندس عدالت ۾ پيش

گڏاڻي ڪيس ٻڌڻي، خالد لنڊ پٽ سندس عدالت ۾ پيش

ميرپور ماٿيلو:(ن س) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ پيپلز پارٽي ايم اين اي ۽ سندس ٻه پٽ شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج مقرر نه ٿيڻ تي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سيشن ڪورٽ گهوٽڪي ۾ ٿيندي.نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر سراج لاشاري به عدالت ۾ پيش ٿيو جنھن ٻڌايو تہ جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ۽ پراسيڪيوٽر بہ پنهنجي راءِ ڏئي ڇڏي آهي. انچارج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج کي اڄ رپورٽ پيش ڪئي ويندي هن ٻڌايو تہ مان پنھنجي جاچ موجب دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ جي درخواست عدالت کي ڪئي ويندي جيڪڏهن عدالت دهشتگردي جا قلم ختم ڪري ڇڏيا ته پوء عام چالان اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. پيپلزپارٽي ايم اين اي خالد لنڊ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پھرين ڏينھن کان چوندا پيا اچون ته سياست جي ڪري اسانکي ناحق قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آھي مان ۾ منھنجا پٽ بيقصور آھيون ھن جي آءِ ٽي مٿان عدم اعتماد جو اظھار ڪندي چيو تہ جيڪا جي آءِ ٽي ٺاھي وئي آھي سا ڪوڙ تي ٻڌل آھي پوليس اسان سان به سٺو عمل ناھي ڪيو اسان پوليس جي ھر غلط عمل جي مذمت ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو