گڏاڻي جي ماءُ کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت،چالان بابت رپورٽ طلب

گڏاڻي جي ماءُ کي تحفظ ڏيڻ جي هدايت،چالان بابت رپورٽ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽ)صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ مقتول جي ماءُ تحفظ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جو چالان پيش نه ڪرڻ تي ايس ايس پي گهوٽڪي کان رپورٽ طلب ڪندي پوليس کي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت پوليس کي مقتول صحافي جي وارثن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي پوليس اختيارين کان 7 ڏينهن ۾ لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو.ايڊووڪيٽ صلاح الدين پنهور چيو ته گڏاڻي کي 4 مهينا اڳ قتل ڪيو ويو، 4 مهينا گذرڻ باوجود جوابدارن خلاف چالان پيش ناهي ڪيو ويو.وڪيل پاران عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته مقتول صحافي جي وارثن کي حراسان ڪيو پيو وڃي، کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو