سکر / ڪشمور / ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي (نمائندن وٽان )سنڌ ۾ امڪاني سپر فلڊ جي خطري کي نظر ۾ رکندي وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ڪچي علائقن جو دورو ڪيو ۽ انتظامي عملدارن کان تفصيلي بريفنگ ورتي۔ بريفنگ ۾ صوبائي وزير آبپاشي جام خان شورو، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کھیڙو ۽ چيف انجنيئر سردار شاهه وزيراعلیٰ کي حفاظتي قدمن ۽ “بند مينوئل تي عملدرآمد بابت آگاهي ڏني۔بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته “سنڌ بند مينوئل” سپر فلڊ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي تيار ڪيو ويو آهي ۽ ان مطابق هر ميل تي چار لانڍيون جڏهن ته 16 اهلڪار مسلسل نگراني لاءِ موجود آهن۔ بندن تي ڳري مشينري، پٿرن جي ترسيل ۽ روشنيءَ جو انتظام ڪري ڇڏيو ويو آهي۔وزيراعلیٰ کي ريور بند ۽ گڊو بئراج ريجن بابت آگاهي ڏني وئي ته درياءَ سنڌ جي ساڄي ڪناري (گڊو کان سکر بئراج تائين) 820 ميل تي 3280 اهلڪار ۽ کاٻي ڪناري جي 516 ميل تي 2064 اهلڪار مقرر آهن۔ ڪيترن ئي بندن کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي جن ۾ ليـفٽ مارجل بند، ڪي ڪي بند، نيو گھورگھاٽ بند ۽ توڙي بند شامل آهن۔ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور آغا شير زمان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته ڪشمور، ڪنڌڪوٽ ۽ تنگواڻي جي ڪچي علائقن ۾ سپر فلڊ جي صورت ۾ 8 يوسي، 38 ديھات ۽ 171 ڳوٺ متاثر ٿي سگهن ٿا۔ اندازي مطابق 2 لک 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ۽ 2 لک 68 هزار مويشي متاثر ٿيندا۔ انخلا لاءِ 192 ٻيڙيون مخصوص ڪيون ويون آهن جن ۾ ڪشمور ۾ 21 ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ 15 ٻيڙيون شامل آهن۔ ضلعي ۾ رليف ڪيمپون ۽ عارضي رهائش گاهون قائم ڪيون ويون آهن جتي متاثر ماڻهن کي مويشيءَ سميت منتقل ڪيو ويندو۔پي ڊي ايم اي ۽ صحت کاتي پاران متاثرن جي علاج لاءِ خاص انتظامات ڪيا ويا آهن۔ ڪنڌ ڪوٽ اسپتال ۾ 24 ڊاڪٽر، 78 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 2 ايمبولينسون موجود آهن، جڏهن ته ڪشمور اسپتال ۾ 13 ڊاڪٽر، 113 پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ 6 بستر مخصوص ڪيا ويا آهن۔ آر ايڇ سي تنگواڻي، غوثپور ۽ ٻين مرڪزن ۾ به عملي ۽ ايمبولينسن جي مقرري ڪئي وئي آهي۔پيپلز پرائيمري هيلٿ ڪيئر انيشيئيٽو (PPHI) جي تحت 44 هيلٿ فسيلٽيز، 16 ليب روم، 9 ليبارٽريون ۽ ويڪسينشن سينٽر فعال آهن، جڏهن ته سانپ جي ڪنگڻ ۽ ٻين بيمارين جي علاج لاءِ دوائون به فراهم ڪيون ويون آهن۔وزيراعلیٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپر فلڊ عام طور تي 9 لک ڪيوسڪ پاڻي کي چيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ اميد آهي ته ايترو پاڻي نه ايندو، پر جيڪڏهن آيو ته ڪچي علائقا مڪمل طور پاڻيءَ هيٺ اچي ويندا۔ اسان جي پهرين ترجيح انساني جانيون ۽ مويشي محفوظ ڪرڻ آهي۔ انخلا لاءِ سڀ انتظام مڪمل آهن، عوام ۽ ميڊيا انتظاميه سان تعاون ڪن ۽ خوف وهراس نه ڦهلائن۔هن وڌيڪ چيو ته متاثر ماڻهن کي 3 کان 4 ڏينهن لاءِ عارضي رهائش ڏني ويندي ۽ واپسيءَ تي سندن گهرن کي مٿي جڳهن تي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۾ مدد ڪئي ويندي۔ جيڪڏهن پاڻي جي مقدار گهٽ رهي ته وڏو نقصان نه ٿيندو، البت فصلن کي متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي۔پاڪ بحريه، پاڪ فوج ۽ رينجرز انتظاميه سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن، جن جا شڪرگذار آهيون۔ وزيراعلیٰ ٻڌايو ته 24 آگسٽ تي گڊو مان ساڍا 5 لک ڪيوسڪ پاڻي گذري چڪو آهي جنهن سبب ڪجهه هنڌن تي بندن تائين پاڻي پهتو، پر وڏي پئماني تي نقصان نه ٿيو۔وزيراعلیٰ وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيا آهن، جڏهن ته صوبائي صدر نثار کهڙو به پارٽي ڪارڪنن کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي۔ “اسان جي حڪومت ۽ پارٽي قيادت عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي، ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي۔وڏي وزير سان گڏ سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ۔صوبائي وزير سيد ناصر شاھ۔صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا۔هوڏانهن وڏي وزير قادرپور شينڪ بند جو دورو ڪيو، جتي صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري آبپاشي ظريف کهيڙو تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش مهر، صوبائي وزير توانائي سيد ناصر حسين شاه، صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام خان ڌاريجو، صوبائي وزير بحالي مخدوم محبوب الزمان، ڊپٽي ڪمشنر منظور احمد ڪنراني ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران سميت لاڳاپيل کاتن جا آفيسر موجود هئا۔ ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته قادرپور شينڪ بند صوبي جي حساس ترين بندن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن تي هر وقت خطري جا امڪان هجن ٿا۔ هن آبپاشي کاتي کي هدايت ڪئي ته بند جي سڀني ڪمزور هنڌن جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نشاندهي ٿيڻ بعد فوري مرمت کي يقيني بڻائي وڃي۔ وزيراعلي سنڌ چيو ته 1973ع جي مها ٻوڏ دوران قادرپور مين بند جو وڏو حصو لڙهي ويو هو، جنهن بعد ميل 1/2 کان 2/6 تائين وارو علائقو “قادرپور شينڪ بند” جي نالي سان بحال ڪيو ويو ۽ ان کي قادرپور لوپ بند جي تحفظ لاءِ فرنٽ لائين طور رکيو ويو آهي۔ هي بند 5 هزار ايڪڙن تي پکڙيل ڳوٺن ۽ آباديءَ کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، پر درياءِ جي وهڪري ۾ تبديلي ۽ موڙ ٿيڻ سبب بند کي ٻاهران لڳاتار گهارو پوڻ جو خطرو هجي ٿو، وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه چيو ته 2022 جي ٻوڏ دوران به 19 آگسٽ تي ميل 1/7+100 تي تيز طوفان ۽ آنڌي سبب بند جو ڀراءُ ويهي وڃڻ سان گهارو پيو، جيڪو وڌي 550 فوٽن ٿي ويو هو، پر آبپاشي کاتي جي بروقت ڪارروائي سان وڏي نقصان کان بچاءُ ممڪن ٿيو۔ هن وڌيڪ هدايت ڪندي چيو ته ماضي ۾ جتي به گهارا پيا آهن، انهن هنڌن کي خاص طور مضبوط ڪيو وڃي ۽ هنگامي حالت ۾ مشينري، پٿر مٽي ۽ ٻيا وسيلا بند جي ويجهو موجود هجڻ گهرجن۔ وزيراعلي سنڌ ضلعي انتظاميه گهوٽڪي کي هدايت ڪئي ته گهوٽڪي فيڊر ايريا ۽ ڪچي وارن علائقن جي تحفظ لاءِ اڳواٽ منصوبو تيار ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ متاثرن جي فوري منتلقي کي يقيني بڻائي وڃي۔ سيد مراد علي شاهه عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته درياءِ سنڌ جي ويجهو رهندڙ ڳوٺاڻا انتظاميه جي اعلانن تي نظر رکن ۽ برسات يا طوفان جي صورت ۾ فوري طور محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ لاءِ تيار رهن۔ هن چيو ته هارين ۽ مقامي ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجو قيمتي سامان ۽ چوپايو مال اڳواٽ محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪن اسان جي پهرين ترجيح ماڻهن ۽ چوپائي مال جون جانيون بچائڻ آهي۔ حڪومت ۽ انتظاميه جي هدايتن تي بروقت عمل ئي عوام کي محفوظ رکڻ جو رستو آهي۔”










