منشيات فروشي جي ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي 3 سال قيد

منشيات فروشي جي ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي 3 سال قيد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ گٽڪا ۽ ماوا جي رسد (ترسيل) ۽ هٿ اچڻ جي ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي ٽي، ٽي سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.عدالت ٻنهي جوابدارن تي ٻه، ٻه لک رپيا ڏنڊ (جرمانو) پڻ لاڳو ڪيو آهي، جڏهن ته ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ 6 مهينا قيد ڪاٽڻي پوندي.جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جوابدارن جي ضمانت رد ڪندي کين فوري طور جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ۾ پوليس ٻڌايو ته لياري مان 2 جوابدارن کان گٽڪا ۽ ماوا جي کيپ هٿ ڪئي وئي هئي، جن مان هڪ جوابدار وٽان 225 جڏهن ته ٻئي کان 150 ماوا ۽ گٽڪا جون پڙيون هٿ آيون هيون.عدالت پنهنجي حڪمنامي ۾ چيو ته ڪيمڪل رپورٽ موجب هٿ آيل مواد انساني صحت لاءِ نقصانڪار آهي، هٿ آيل گٽڪو ۽ ماوا ڪينسر جهڙي موذي مرض جو سبب بڻجي سگهي ٿو. عدالت هٿ آيل گٽڪو ۽ ماوا تلف (ضايع) ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو.عدالت قرار ڏنو ته ڪوڙي ڪيس جو دفاعي موقف ڪنهن به ثبوت سان ثابت ناهي ٿيو، جوابدار صحت لاءِ نقصانڪار شين جي رسد ۽ وڪري ۾ ملوث هئا. جوابدارن خلاف ڪلري ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو