اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽروليم ڊويزن وفاقي ڪابينه جو منظور ڪيل فريم ورڪ سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن ڏانهن اماڻي ڇڏيو جنهن ۾ ملڪي گيس تي ڪنيڪشن لڳائڻ جي لاءِ مستقل طور تي پابندي لڳائي وئي ۽ پهريان کان وصول ڪيل 30 لک درخواستن کي ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن وفاقي ڪابينه جو منظور ڪيل فريم ورڪ سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن ڏانهن اماڻي ڇڏيو، ملڪي گيس تي ڪنيڪشن لڳائڻ جي لاءِ مستقل طور تي پابندي لڳائي وئي آهي.سوئي سدرن ۽ ناردرن کي پهريان کان وصول ٿيل 30 لک درخواستن کي ملتوي ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. درمدي گيس تي گيس ڪنيڪشن جي لاءِ فريم ورڪ 9 شرطن تي ٻڌل آهي.سوئي سدرن ۽ ناردرن هڪ سال ۾ 50 سيڪڙو صارفين کي ارجنٽ فيس سان گيس ڪنيڪشن فراهم ڪري سگهندي ارجنٽ فيس ادا ڪندڙ صارفين کي 3 مهينن ۾ درآمدي گيس تي نئون ڪنيڪشن فراهم ڪيو ويندو.هڪ سال ڪاٽا رهندڙ گهريلو گيس ڪنيڪشن جي صارفين کي درآمدي گيس جو ڪنيڪشن ملندو. درآمدي گيس ڪنيڪشن جو ٽيرف ملڪي گيس جي مقابلي ۾ 70 سيڪڙو وڌيڪ هوندو.










