اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وفاقي ڪابينا گئس چوري خلاف ڪارروائي لاءِ جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ذريعن موجب جهانگير احمد ديو کي 3 سالن لاءِ يوٽيلٽي ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. صدف يوسف کي جج اسپيشل ڪورٽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ڪراچي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، کيس 3 سالن لاءِ جج مقرر ڪيو ويندو. ڪابينا رجب علي کي احتساب عدالت پشاور ۽ واجد علي کي جج بينڪنگ ڪورٽ اسلام آباد مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.










