گيس جي بندش باوجود بلن ۾ اضافو ظلم آهي:امتياز شيخ

گيس جي بندش باوجود بلن ۾ اضافو ظلم آهي:امتياز شيخ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو گيس لوڊشيڊنگ تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ گئس جي بندش عوام جي زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي، سنڌ جي توانائي واري وزير چيو ته گيس جي بندش باوجود سوئي سدرن پاران بلن ۾ اضافو ظلم آهي سوئي سدرن گئس جي ورڇ واري عمل ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبو گئس کان محروم آهي،سنڌ جي گئس پنهنجي ضرورت کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي سوئي سدرن ۽ اوگرا جي نااهلي سبب صوبي جي عوام سان ناانصافي ڪري رهيو آهي. مطالبو آهي ته سوئي سدرن ۽ اوگرا ۾ سنڌ جي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي.اتحادي حڪومت هجڻ باوجود آئين جي آرٽيڪل 158 تي عمل نه پيو ڪيو وڃي سنڌ جي قدرتي گئس سوئي نادرا کي ڏيڻ صوبي جي عوام سان زيادتي آهي جيستائين صوبي جي عوام جون ضرورتون پوريون نه ڪيون وڃن تيستائين سوئي نادرن کي گئس جي فراهمي بند ڪئي وڃي.قدرتي گئس هجڻ باوجود سنڌ جي توانائي واري وزير ايل اين جي لاءِ اضافي پئسن جو سنڌ جي عوام جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.گئس جي بندش ۽ اضافي بلن تي عوام جي احتجاج کي منهن ڏئي رهيا آهيون، عوام جو احتجاج سندن حق آهي، سنڌ حڪومت عوام سان گڏ بيٺل آهي اضافي بلن جي واپسي لاءِ وفاق سان ڳالهائيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو