گيس مسئلو حل نه ٿيو ته بل زيرو ڪرائيندس

گيس مسئلو حل نه ٿيو ته بل زيرو ڪرائيندس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته جيڪڏهن سوئي گيس جو مسئلو حل نه ٿيو ته عوام کي گئس جا بل گورنر هائوس ۾ جمع ڪرائڻ گهرجن.بهادر آباد ۾ فوڊ ريسٽورنٽ جي آمد جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته ايم ڊي سوئي گئس 1 هفتي اندر گئس فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو آهي.جيڪڏهن گيس جو مسئلو حل نه ٿو ٿي سگهي ته بل گهٽ ڪري صفر ڪيو وڃي.هن چيو ته اقتدار ۾ ايندڙ هر ماڻهو کي عوام ۾ وڃڻ گهرجي، مان روزو افطار ڪندس ۽ صوبي جي ٻين شهرن ۾ به افطار ڪندس، تنقيد ڪندڙ پنهنجو ڪم ڪندا رهن، مان پنهنجو ڪم ڪندو رهندس.گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته منهنجو عزم آهي ته نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين ڏانهن راغب ڪندس، عيد الفطر کانپوءِ 50 هزار نوجوانن کي مفت آءِ ٽي ڪورس ڪرايا ويندا.ڪامران ٽيسوري اهو به چيو آهي ته ون پلس ون فارمولي ذريعي ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو