ٽنڊوباگو(ن سنڌيار) ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ گيسٽرو جي مرض سبب 115 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل، تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ ٻن سالن جو معصوم نينگر گيسٽرو جي بيماري سبب فوت ٿي ويو. ٽنڊوباگو ۾ برساتن کانپوءِ گيسٽرو ۽ ڊائريا جي بيماري سبب اسپتالون مريضن سان سٿ جي ويون. تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ 55 مرد عورتون ۽ ٻارڙا داخل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته شهر جي نجي اسپتالن ۾ 60 کان وڌيڪ گيسٽرو جا مريض داخل ڪيا ويا آهن. تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ ڳوٺ کڏهرو جو ٻن سالن جو معصوم نينگر دليپ پٽ لڇمڻ ڪولھي فوت ٿي ويو آھي. جڏھن ته تعلقه اسپتال ٽنڊوباگو ۾ داخل مريضن ۾ راڻي، اميران، شفا، حنيفان، عائشا، ڪلثوم، مائرا، امينا، آرم، فرزانه، گل بانو، ڀاڳڀري، روزينا، رحيمان ۽ ميگهي جڏهن ته ٻارڙن ۾ ثاقب، محمد اشرف، رجب علي، انيس، علي رضا، رياض، ۽ علي شفا شامل آهن. تعلقه اسپتال ۾ مريضن جي گهڻائي جي ڪري بيڊ کٽي وڃڻ ڪري گيسٽرو جي مريضن کي بئچن ۽ اسٽريچرن تي سمهاري علاج ڪيو پيو وڃي.










