خانپورمهر (ن سنڌيار) خانپورمهر ۾ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گيسٽرو بيماري تيزي سان پکڙجڻ لڳي، ڳوٺ جعفر ملڪ ۾ گيسٽرو ڀاءُ ۽ ڀيڻ کان حياتي کسي ورتي، علائقي ۾ ڪيترائي ٻار گيسٽرو ۾ مبتلا، صحت کاتي نوٽيس نه ورتو، گهر ۾ ڪهرام متل ،خبرموجب ،خانپورمهر ويجهو ڳوٺ جعفر ملڪ ۾ پورهيت غازي ملڪ جا 2 معصوم ٻارڙا چئن ورهين جي ساجدہ ۽ 5 ورھين جو محمد جنيد ملڪ گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا، ان سلسلي ۾ غازي ملڪ ٻڌايو ته منھنجا ٻہ ٻارڙا گيسٽرو وگھي فوت ٿي ويا آھن، ٻنھي ٻارن کي مقامي اسپتالن ۾ کڻائي ويا سين پر ٻئي ٻارڙا بچي نہ سگھيا، هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته مختلف ڳوٺن ۾ ڪيترائي ٻار گيسٽرو ۾ مبتلا آهن جڏهن ته روزانو ڪيترائي ٻار خانپورمهر جي مختلف اسپتالن ۾ علاج لاءِ آندا پيا وڃن پر صحت کاتي گيسٽرو جي خاتمي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن، علائقي واسين جو چوڻ آهي ته خانپورمھر ء ڀرپاسي جي علائقن م گيسٽرو تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ،صحت کاتي جون اختياريون نوٽيس وٺي گيسٽرو تي ضابطو آڻڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي..










