لنڊن (ويب ڊيسڪ)گوگل HANGOUTS استعمال ڪندڙ صارفين کي گوگل چيٽ تي سوئچ ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي جيئن 9 سال پراڻي ميسيجنگ پليٽ فارم ريٽائر ٿي رهيو آهي. گوگل بلاگ پوسٽ جي مطابق، HANGOUTS سروس نومبر ۾ رٽائر ٿي ويندي. بلاگ جي مطابق، HANGOUTS موبائل ايپ استعمال ڪندڙ ماڻهن کي چيٽ ايپ تي سوئچ ڪرڻ لاء چيو ويندو. اهڙي طرح، جيڪي ماڻهو ويب برائوزرن تي GMAIL ذريعي HANGOUTS استعمال ڪندا آهن انهن کي جولاءِ ۾ چيٽ لاءِ اپڊيٽ ڪيو ويندو. ڪمپني جو چوڻ آهي ته صارفين جي چيٽ ڊيٽا خودڪار طريقي سان HANGOUTS کان گوگل چيٽ ڏانهن منتقل ٿي ويندي. ڪمپني صارفين تي زور ڏنو آهي ته هو نومبر کان پهريان پنهنجو ڊيٽا HANGOUTS تان ڊائون لوڊ ڪن ڊيٽا ايڪسپورٽ ٽول گوگل ٽيڪ آئوٽ استعمال ڪندي.










